اهي غذائون جيڪي ڪچيون کائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه عذائون اهڙيون هونديون آهن جن کي هر روز ڪيترائي ماڻهو ڪچو يا پچائڻ کان سواءِ کائيندا آهن. پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڪجهه پسنديدهه غذائون اهڙيون آهن جنهن کي ڪچو کائڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو يا انهن کي پچائي کائڻ صحت لاءِ وڌيڪ فائديمند هوندو آهي؟ هتي اهڙين غذائن بابت ڄاڻيو جن کي ڪچو کائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ڇو جو اهو سور، ٿڪ، دل جي ڪچي ٿيڻ ۽ فوڊ پوائزننگ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون جڏهن ته ڪجهه اهڙيون غذائون به آحن جن کي ڪچو کائڻ نقصانڪار ته نه آهي پر جسم لاءِ انهن جو فائدو به گھٽ ٿي وڃي ٿو.

کير

ڪچي کير ۾ بيڪٽيريا موجود هوندا آهن جيڪي پيٽ لاءِ تباهه ڪندڙ هوندا آهن، تنهنڪري کير پيئڻ کان اڳ چڱي طرح اٻاري وٺو ته جيئن ان ۾ موجود اي ڪولي ۽ ٻيا بيڪٽيرياز مري وڃن.

آنا

سموري دنيا ۾ ناشتي لاءِ پسند ڪيو  ويندڙ آنا به فوڊ پوائزننگ جو سبب بڻجي سگھن ٿا جنهن جو سبب انهن ۾ ملندڙ Salmonella  بيڪٽيرياز آهن، تنهنڪري آنن کي ٺيڪ طريقي بچائڻ ئي بيماري کان بچڻ جي ڪنجي آهي، اهڙيون شيون کائڻ کان بچيو جن ۾ ڪچن آنن جو استعمال يا انهن جو تمام گھٽ استعمال ڪيو.

گجر

گجر کي ڪچو کائڻ نقصانڪار ته نه آهي پر پڪل گجر صحت لاءِ وڌيڪ فائديمند هوندي آهي. گجر ۾ بيٽا ڪيروٽين نالي جز آهي، جيڪو جسم ۾ وڃي وٽامن اي جي شڪل اختيار ڪري ٿو، ڪچي گجر جي ڀيٽ ۾ ان کي پچائڻ کان پوءِ اهو جز جسم لاءِ وڌيڪ غذائيت سان ڀرپور ۽ فائديمند ثابت ٿئي ٿو. ان سان اکين جي روشني بهتر، هڏا مضبوط ۽ جسماني دفاعي نظام به مضبوط هوندو آحي.

واڳڻ

واڳڻ ڪچو  يا اڌ پڪل جسم ۾ وڃي ڪيلشيئم جي جذب ٿيڻ جي عمل ۾ رنڊڪ جو سبب بڻجي سگھن ٿا، جنهن سبب انهن ۾ موجود هڪ ڪمپائونڊ سولانائن آهي، اهو ڪمپائونڊ، پيٽ ۾ سور ۽ غشي جهڙن مسئلن جو خطرو به وڌائيندو آهي.

پٽاٽو

پٽاٽو اهڙي شيءِ آهي جنهن کي تقريبن هر پڪوان ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي  هونئن به ماڻهو اٻاري يا تري گھڻي شوق سان کائينداآهن، پر ان کي ڪچو ڪڏهن به نه کائو. ڪچي پٽاٽي ۾ زهيلو مواد موجود هوندو آهي جيڪو پيٽ ڦوڪجڻ، فوڊ پوئزننگ ۽ ٻين پيٽ جي مرضن جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

زيتون

ڪچو زيتون کائڻ به صحت لاءِ نقصانڪار آهي ڇو جو ان ۾ اهڙا موجود آهن جيڪي موت مار فوڊ پوئزننگ جو خطرو وڌائي ڇڏيندا آهن.

مشروم

هونئن ته پاڪستان ۾ ماڻهو مشروم ايترو شوق سان ناهن کائيندا پر جڏهن به کائين ته ان کي پچائي، اٻاري يا ڀڃي کائين ڇو جو اهڙي طرح اهو وڌيڪ پوٽاشيم جسم جو حصو بڻائي صحت لاءِ فائديمنبد ثابت ٿيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.