حڪمرانن سدائين سنڌين جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا  مسلسل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو به  واسطو ناهي، هن چيو ته  اٽو مھانگو ڪرڻ عوام سان دشمني آھي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي سنگين بحران ۽ اٽي جي چوٽ چڙهيل اگهن غريب توڙي پورهيت طبقي کي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏھن پيپلزپارٽي مھانگائي جو خاتمو نٿي ڪري سگهي ته پوءِ اقتدار تي ڇو قابض ٿيو ويٺي آهي هن چيو ته حڪمرانن سدائين سنڌين جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.