جيڪب آباد ۾ برسات متاثرين جو واهر لاءِ احتجاج

جيڪب آباد  ( رپورٽ: حضور بخش سومرو )  جيڪب آباد نزد نورواھ ڳوٺ رحيم بخش سومرو، ڳوٺ ميوا خان. ڳوٺ مجيب رحمان  سومرو،  علي پورو  جا رهواسي سيلاب متاثرين  احتجاج ڪيو ان موقعي تي برسات متاثر  لياقت علي منجھو ۽ ٻيا ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته سنڌ ۾ زرعي زمين قرض معاف نه ڪيو ويو آهيجيئن ته ھارين پنھنجي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ زرعي بينئڪن کان قرض ورتا،برسات سيلاب متاثرين غريب ھارين  جا قرض معاف ڪرڻ لاءِ محترم جناب وزيراعظم پاڪستان جن اعلان ڪيو ته سيلاب متاثرين ھارين  جا قرض معاف ڪيا ويندا، پر چار مھينا گذرڻ باوجود ان اعلان تي ڪو به عمل ڪون ٿيو آھي. سنڌ حڪومت ھاري لاءِ ٻج فراھم ڪرڻ جو  اعلان ڪيو ويو هو پر نه ڏنو ويو، وزير اعظم ۽ وڏو وزير  نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.