واٽس ايپ جي ڀارت ۾ سروس بند ڪرڻ جي ڌمڪي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مشهور ميسجنگ اپليڪيشن پليٽ فارم واٽس ايپ ميسيجز ۽ ڪالز جي انڪرپشن جي حوالي سان ڀارت ۾ سروس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
خابرو اداري موجب دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ واٽس ايپ طرفان مقرر ڪيل وڪيل چيو ته جيڪڏهن اسانکي حڪومت طرفان واهپيدارن کي ميسيجز ۽ ڪالز تائين پهچڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ته ڀارت ڇڏي ڏينداسين.
ٻڌڻي دوران عارضي چيف جسٽس من موهن جي سربراهي ۾ بينچ استفسار ڪيو ته پليٽفارم کي پهريان اهڙو مسئلو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيش آيو آهي؟
جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو قانون ناهي، ايتري قدر برازيل ۾ به ناهي، اسانکي واهپيدارن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻا پون ٿا، خبر ناهي ته ڪهڙن ميسيجز کي ڊڪرپٽ ڪرڻ جو چيو ويندو، جيڪڏهن ائين ڪرڻو پيو ته لکن جي تعداد ۾ ميسيجز کي ڪيترن ئي سالن تائين محفوظ رکڻو پوندو.
واٽس ايپ ۽ ميٽا طرفان انڊيا ۾ سوشل ميڊيا جي 2021ع واري قانون خلاف هڪ درخواست داخل ڪرايل آهي، جنهن تي ٻڌڻي ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.