واٽس ايپ جو اهم فيچر، بنا انٽرنيٽ جي تصوير موڪلڻ ممڪن؟

دنيا جي سڀ کان وڏي انسٽنٽ ميسجنگ شيئرنگ اپليڪيشن واٽس ايپ سمورن واهپيدارن لاءِ انقلابي فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي واهپيدار انٽرنيٽ کان بغير فائلز ۽ تصويرون موڪلي سگهن ٿا.
اهڙو فيچر پهريان محدود ماڻهن لاءِ لانچ ڪيو ويو هو، جڏهن 2023ع ۾ مهسا اميني جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ايران ۾ احتجاج ڪيا ويا، ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ انٽرنيٽ کي بند ڪري واٽس ايپ سميت ٻين اپليڪيشنز کي بلاڪ ڪيو ويو.
ان دوران واٽس ايپ پراڪسي سپورٽ فيچر متعارف ڪرايو هو، پراڪسي سپورٽ جو آسان مطلب اهو آهي ته جن علائقن يا ملڪن ۾ انٽرنيٽ سروس کي بند ڪيو ويو يا واٽس ايپ تي پابندي لڳائي وئي، اتي ماڻهو فيچر ذريعي آساني سان واٽس ايپ استعمال ڪري سگهن ٿا.
تازو ئي ويب بيٽا انفو طرفان شيئر ڪيل هڪ بلاگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سمورا واهپيدار نئين فيچر ذريعي انٽرنيٽ کانسواءِ واٽس ايپ استعمال ڪري سگهندا.
رپورٽ موجب واٽس ايپ جي نئين فيچر تي ڪم جاري آهي جنهن ذريعي هاڻي واهپيدار انٽرنيٽ کانسواءِ تصويرون، ڊاڪيومينٽس ۽ ٻيا فائلز شيئر ڪرڻ لاءِ اهل هوندا.
ان فيچر ۾ شرط اهو آهي ته اوهان انٽرنيٽ کانسواءِ ان وقت فائل شيئر ڪري سگهو ٿا جڏهن اڳيون ماڻهو اوهان جي ويجهو هجي، واهپيدار صرف انهن ماڻهن کي ئي فائلز موڪلي سگهن ٿا جيڪي انهن جي ڪانٽيڪٽس لسٽ ۾ موجود هوندا، ۽ اهو فيچر ان وقت ڪم ڪندو جڏهن ٻين واهپيدارن طرفان شيئر ڪيل درخواست کي منظور ڪيو ويندو.
ميٽا موجب شيئر ڪيون ويندڙ سموريون فائلون انڪرپٽڊ يعني ٽئين ماڻهو کي ميسر نه هونديون، اهو فيچر ڪڏهن لانچ ٿيندو ان ان حوالي سان هينئر تائين حتمي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.