گورنر سنڌ-ڊار ملاقات، واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر طارق بهوا به موجود هو، ملاقات ۾ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال، واپارين ۽ صنعتڪارن جا مسئلا، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن تي غور، صوبي جي ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊن جي فراهمي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر صوبي جي مختلف اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۽ واپارين ۽ صنعتڪارن جي مسئلن بابت آگاهه پڻ ڪيو، گورنر چيو ته معاشي مشڪلاتن باوجود عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم ساراهه جوڳا آهن، هن چيو ته وفاق جي فنڊنگ سان هلندڙ ترقياتي منصوبن سان صوبي ۾ انفراسٽرڪچر بهتر ٿيندو، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته صوبي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سنڌ جي گورنر جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اسحاق ڊار ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر يقين ڏياريندي چيو ته صنعتڪارن ۽ واپارين جا مسئلا حل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.