رتيديري مان سرڪاري ڪڻڪ جون 3800 ٻوريون گم

رتوديرو (ن ع آ) رتوديرو ۾ خوراڪ کاتي پاران خريد ڪيل سرڪاري ڪڻڪ جون خريد ڪيل 3800 ٻوريون جنهن جي هن وقت مارڪيٽ ۾  قيمت ٽي ڪروڙ اسي لک رپيا آهي، مبينا طور غائب ٿي ويون آهن. فوڊ انچارچ ذوالفقار علي نوناري سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته مان بنگل ديرو سينٽر جو انچارج آهيان، بنگل ديرو جي قلندري رائيس مل ۽ رتوديرو جي بلوچ رائيس مل تي رکيل ڪڻڪ ٻن واپارين غائب ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته مان اهڙي واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪرائيندس ۽ ان سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري مڪمل تفصيل ٻڌايا ويندا. واضح رهي ته ڄاڻايل واپاري ۽ فوڊ انچارج پاڻ ۾ گھرا دوست پڻ آهن. جن ملي ڀڳت ڪري سرڪاري ڪڻڪ جون ٻوريون مبينا غائب ڪري ڇڏيون آهن. ٻي طرف اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي فوڊ انچارچ ۽ واپارين وچ ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ شهر جون بااثر ڌريون ڪوششون ڪري رهيون آهن. هوڏانهن ڊي ايس پي رتوديرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڃا تائين ايف آءِ آر لاءِ ڪنهن رابطو نه ڪيو آهي، ڪيس  داخل ٿيڻ بعد جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.