چڪ ويجهو اغوا ۾ ملوث ڏوهارين جي ڳوٺ تي چڙهائي، گهرن کي باهه

لکي غلام شاهه (ت ر) چڪ ويجهو شڪارپو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 6 گهرن کي باهه ڏيئي ڇڏي، ڪابه گرفتاري  عمل ۾ نه آئي، پوليس مينهون ۽ ڳيون ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيون. ڪچي واري علائقي مان اغوا ٿيل 2 نوجوانن حمادالله سومري ۽ طاهر سومري جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ عامل مهر تي چڙهائي ڪئي، ڄاڻايل ڏوهاري هٿ نه آيا، پوليس 6 گهرن کي باهه ڏئي 15 مينهون ۽ ڳئون ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيون. پوليس ذريعن موجب ٻن نوجوانن حمادالله سومري طاهر سومري جي اغوا ۾ ملوث ڏوهارين جي نشاندهي منظور ڪٻرو مهر جي ٽولي طور ٿي آهي، منظور ڪٻرو مٿان 5 لک جي سفارش پڻ ٿيل آهي، جنهن جو واسطو تيغاڻي گروپن سان ٻڌايو پئي وڃي. هوڏانهن مغوي نوجوان آزاد نه ٿيا، ته سندن وارث ۾ مايوسي ڇائنجي ويئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.