ڪلري ٿاڻي جي حد ۾ منشيات جو آزار، ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر معطل

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڊي آءِ جي سائوٿ عرفان بلوچ ڪلري ٿاڻي جي حد ۾ هلندڙ منشيات جوا جا اڏا ماوا  گٽڪي جو وڪري ۽ ماوا  گٽڪا جا ڪارخانا هلائڻ تي ڊي آئي جي سائوٿ عرفان بلوچ ايس ايڇ او رائو شبير، ۽ ھيڊ محرر کي معطل ڪري ڇڏيو ياد رھي ته ڪجهه وقت اڳوڻي اي ايس پي عاطف امير پاران سيل ڪيل ماوا گٽڪا جون ڪيبنون ايس ايڇ او رائو شبير، ھيڊ محرر مھتاب بلوچ  پئسا وٺي ٻيهر ڪيبنون کولرائي ڇڏيون هيون صحافين جي نشاندهي تي ڊي آئي جي سائوٿ عرفان بلوچ ميڊيا جي خبرن جو نوٽيس وٺندي ايس ايس ايڇ او ڪلري رائو شبير ۽ هيڊ محرر مھتاب بلوچ کي معطل ڪري ڇڏيو ڪلري ٿاڻي تي شهزاد الياس کي ايس ايڇ او ڪلري ۽ جواد سمون کي هيڊ محرر مقرر ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.