عدالت توهينِ مذهب ڪيس ۾ شيخ رشيد بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنڊي بئنچ شيخ رشيد طرفان توهينِ مذهب وارو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ مسجد نبوي صه ۾ پيش آيل افسوس جوڳي واقعي تي شيخ رشيد خلاف ڪيس تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر شيخ رشيد ۽ سندس ڀائيٽي راشد شفيق کي توهينِ مذهب واري ڪيس ۾ بي ڏوهه قرار ڏنو.

جاچ آفيسر جي ڪلين چِٽ کانپوءِ عدالت شيخ رشيد طرفان ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست سميت سندس ڀائيٽي جي درخواست پڻ اڪلائي ڇڏي.

عدالت شيخ رشيد ۽ راشد شفيق کي داخل ڪيس بابت ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.