واٽس ايپ ۾ نيون تبديليون اچي ويون، جلد استعمال ٿينديون

واٽس ايپ جو استعمال هاڻي اسمارٽ فون واهپيدارن جي زندگي جو اهم حصو بڻجي چڪو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو واهپيدارن جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ روز نوان فيچر متعارف ڪرايا پيا وڃن.

هاڻي واهپيدارن پاڻ کي ميسيج ڪري سگهندا. تازو نئين فيچر ۾ ميسيج يورسيلف جو ڪيپشن هاءِ لائيٽ ٿيندو جنهن مان ڄاڻ ملندي ته هاڻي واهپيدار پاڻ کي ميسيج به موڪلي سگهي ٿو. ان مقصد لاءِ واهپيدار پنهنجو نمبر ڪانٽيڪٽس ۾ سيو ڪري سگهي ٿو جنهن سان ”پاڻ“ پهچ سولي ٿي ويندي.

گروپ چيٽس ۾ هاڻي ڪنهن به ميسيج ڪندڙ جي پروفائيل نظر ناهي ايندي جنهن کي جلد تبديل ڪيو ويندو. واٽس ايپ گروپس ۾ جلد هر فرد لاءِ پروفائيل فوٽو استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.

ميڊيا فائلز کي ڪيپشن سان فارورڊ ڪرڻ جي فيچر تي به تجربو ڪيو پيو وڃي.ٻيو هڪ فيچر اهڙو ڏنو ويندو جنهن سان واهپيدار پنهنجي تصوير ڌنڌلي ڪري سگهي. ان فيچر ۾ ٻه ٽولز ڏنا ويندا جنهن سان واهپيدار وٽ چونڊ جي سهولت هوندي ته هو ڪهڙي فلٽر يا افيڪٽ سان ڪهڙي جڳه ڌنڌلي ڪرڻ ٿا چاهين.

واٽس ايپ ڊيسڪ ٽاپ ورز ۾ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪيو پيو وڃي جنهن سان واهپيدار تصويرون، وڊيونز ۽ ڪاغذ آٽو ڊائونلڊ ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.