عمران خان ڪوڙ جو پراڻو ڌنڌو ڇڏي سچ ڳالهاءِ

محمد خان سيال

اسان جي ملڪ ۾، جيڪڏھن ڪجهه حڪمران ڪوڙ جو لاڳيتو ڌنڌو ڇڏي سچ ڳالھائڻ شروع ڪن ۽ پنھنجيون غلطيون ڀلي بيان ڪن پر نيڪ نيتيءَ سان عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سچي دل سان اظھار ڪن ته عوام اڳتي ھلي سندن پٺڀرائي ڪندو. اھا ڳالھه به نوٽ ڪرڻ جي آھي ته جيڪڏھن ڪو سياسي اڳواڻ ، ڏينھن رات رڳو جذباتي نعرا ھڻندو رھي ته عوام وقتي طور ساڻس ھمدرد ڪندو پر گهڻي وقت لاءِ ھرگز ڪونه.

عمران خان، ملڪ جي اڳوڻ وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراھ      ۽ سندن ساٿين کي نيڪ نيتيءَ سان صلاح آھي ته ملڪ ۾ ٻوڏ اڳ ئي وڏي تباھي آندي آھي تنھنڪري ان مان ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ ۽ سندس پارٽي، نيڪ نيتيءَ سان جدوجھد ڪن ته انھيءَ ۾ ملڪ جو فائدو سمايل ھوندو پر رڳو سنڌ سرڪار خلاف جائز تنقيد بدران ڏينھن رات ڪوڙا بيان جاري ڪرڻ سان، سندن نفرت جو ڪاروبار اڃا وڌندو رھندو البت ملڪ کي پيدا ٿيل خطرناڪ مسئلا، سکڻن بيانن ذريعي ڪونه نبيرجي ويندا آھن الٽو ملڪ جي مصيبت ۾ گهڻي واڌ اچي ويندي آھي.

عمران خان جو تازو بيان ميڊيا ۾ آيو آھي ته سنڌ ۾ بدترين غلامي آھي ۽ بدترين غلامي ۾ ڦاٿل ماڻھن کي حقيقي آزادي ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آھي. اسلام آباد ۾ اسٽوڊنٽس ڪنونشن ۾ تقرير ڪندي سندس چواڻي: پاڪستان تي به چورن جو قبضو آهي، جڏهن چور چوڪيدار بڻجي وڃن ته پوءِ ملڪ جي ترقي ڪيئن ٿيندي؟ منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب، ھاڻي عمران خان کان پڇڻ گهرجي ته سندس دعوى موجب جيڪڏھن سنڌ بدترين غلاميءَ ۾ آھي ته پوءِ نيڪ نيتي ۽ ايمانداريءَ سان ٻڌائي ته تازو سندس وفاقي سرڪار، پوڻا چار ورھيه ھئي پر ايمانداريءَ سان ٻڌائي ته ڇا سندس دور ۾ وفاقي سرڪار ۽ چئن مان ٽن صوبن يعني پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڪل چار سندس حڪومتون ھيون، سو ٻڌائي ته ڇا ھنن پنھنجن سڀني حڪومتن ۾، ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ انصاف ۽ ترقيءَ جون نديون وھايون ھيون؟سچائي اھا آھي ته عمران ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آءِ يم ايف معرفت آڻي، عوام جو ان وقت ۽ آئيندي به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اھي. اھا ڏک جي ڳالھه آھي ته عمران ۽ سندس حامين کي ملڪ جي اصل تباھي ڏسڻ ۾ نٿي اچي ۽ نه ئي ايندي.اھا وڏي بدقسمتي آھي.

لاھور ۾ نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو بيان ورجائڻ به مناسب آھي. سندس چواڻي: ملڪ ۾ رهندڙ هر ماڻهو ۽ سياسي ڪارڪن کي عمران خان جي سياست واري طريقي مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪو وڏو سياسي ٽڪراءُ  ٿيڻ وارو آهي پر حساس ادارن جي رپورٽ آهي ته عمران خان رڳو گجندو، وسڻ جي سگهه منجهس ڪانهي نه ئي ھيلتائين ڪا رٿابندي ڪئي اٿائين. شايد ھو ڌمڪيون ڏئي ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب ٻيو ته ٺھيو پر سندس سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف پارٽين جي اڳواڻ ۽ عمران خان جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ٻڏي ناهي پر ان کي هٿ سان ٻوڙيو ويو آهي. ھڪ ٽي وي کي خاص انٽرويو ڏيندي حليم عادل شيخ چيو ته منڇر کي 10 ڏينهن اڳ ڪٽ ڏئي خالي ڪيو وڃي ها ته شهر نه ٻڏن ھا.سندس دعوى آھي ته  مراد علي شاهه مال ميڙڻ لاءِ هٿ سان سنڌ کي ٻوڙايو آھي ۽ عمران خان سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏيندو، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت تحريڪ انصاف جي ئي ٺهندي.ھونئن به ڏسجي ته حليم عادل شيخ جو ڪردار سخت اعتراض جوڳو رھيو آھي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ باوجود ھن سدائين سنڌ کي سخت نقصان پھچائڻ کان گهٽايو ڪونھي. وڏو ثبوت عمران خان جا پوڻا چار سال وزيراعظم طور رھيا پر ھن سنڌ جي فائدي ۾ ٽڪو به ڪارروائي ڪونه ڪئي پرسنڌ کي تباھ ڪرڻ لاءِ بيانن ذريعي سرگرام رھيو ۽ وفاقي سرڪار، سنڌ جا جائز پيسا به گهٽ ڏنائين. عمران خان جي سنڌي دشمني ڪنھن کان لڪل ڪونھي پر حليم عادل شيخ جو ڪردار ته سدائين سخت اعتراض جوڳو رھيو آھي. ھن نه رڳو سنڌ خلاف بيان ڏنا آھن پر عمران خان جي سنڌ دشمني جي سڌي يا اڻ سڌي ريت سدائين حمايت ڪئي آھي.ھن بيان ڏنو ته پاڻي کي ڪٽڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ ڏيو سو انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جو بيان پڙھي ته ڪٽ ڏيڻ مناسب ناھي. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آھي ته سنڌ ۾ تربيلا جهڙن 20 ڊئمن جيترا وسڪارا ٿيا آهن، درياهه جي ساڄي پاسي ڪشمور کان منڇر ۽ سيوهڻ تائين رڳو درياهه نظر ايندو، ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو. هن چيو ته پاڻي کي منڇر ذريعي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي، امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ملڻ جون ڳالهيون غلط آھن.

تازو عوامي آواز اخبار خبر ڏني آھي ته عمران خان پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي منٿون ڪيون پيون وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو مقصد اهو آهي ته آصف علي زرداري نون ليگ کي ڇڏي پي ٽي آءِ سان گڏجي وڃي.نجي ٽي وي جي هڪ اينڪر موجب عمران خان چاهي ٿو ته آصف علي زرداري حڪومت ڪيرائي ۽ پوءِ جيڪي چونڊون ٿين ۽ نئون سيٽ اپ اچي ان ۾ پي ٽي آءِ پاڪستان پيپلزپارٽي کي هاڻوڪي سرڪار کان وڌيڪ بهتر آڇون ڪندي سٺي ڊيل ڪندي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارن کي سٺيون پوزيشنون ڏنيون وينديون. پي ٽي آءِ جو مقصد اهو آهي ته آصف علي زرداري کي پرچائجي ۽ پوءِ گڏجي حڪومت ٺاھجي. خبر ۾ ڄاڻايو ويو آھي: هڪ پاسي عمران خان پاڪستان پيپلز پارٽي کي لاڳيتو تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو ته ٻئي پاسي ڳجهه ڳوهه ۾ آصف علي زرداري کي منٿون به ڪري رهيو آهي.

اھا ڳالھه خاص ڪري سوچڻ جي آھي ته عمران خان، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سربراھ آصف علي زرداريءَ خلاف توھين آميز ٻولي سدائين ڳالهائيندو رھيو آھي سو ھاڻي ساڻس ٺاھ ڪرڻ جي ڪوشش نيٺ ڇو ٿو ڪري؟ اھا اھم ڳالھه سوچڻ جي آھي؟ اصل ڳالھه اھا آھي ته عمران خان وڏو مفاد پرست آھي جنھن نه رڳو سکڻن بيانن ذريعي پوڻن چئن سالن تائين وفاق کان علاوھ چئن مان ٽن صوبن ۾ حڪومت ڪئي سو ھاڻي  زرداريءَ سان سھڪار رڳو ٻيھر حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري پيو. اھا سچائي آھي ته عمران خان کي اسٽيبلشمنٽ اقتدار ۾ آندو ھو ۽ ھاڻي به سندس حامي آھي. اسٽيبلشمنٽ خلاف عوامي بيان ڏيڻ، سندس نوان نوان ناٽڪ آھن. اسان ته سندن ھمدردن کان ڪيترا ڀيرا سوال پڇيا آھن ته عمران خان جي کليو کلايو پٺڀرائي ڪريو ٿا پر سکڻو ٻڌايو ته ھن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪھڙو خاص عملي قدم کنيو آھي ته انھن وٽ ڪو جواب ڪونھي. تازو ھن ڊويزنن کي صوبا بڻائڻ جو اعلان ڪيو آھي جنھن جو مقصد سنڌ ٽوڙڻ به آھي جڏھن ته سنڌ سان کيس خاص طور پراڻي نفرت رھي آھي. افسوس آھي ته فيس بوڪ تي ڪيترا سنڌي سندس حمايت ڪن ٿا (ڪيترا نقلي به آھن) ۽ ان جي عوام جي دشمني ۽ سنڌ ٽوڙڻ بيانن تي اکر نٿا ڪڇن.

سينئر صحافي طور منھنجي ڇنڊڇاڻ آھي ته اوھان جنھن  به سياسي پارٽيءَ جي پٺڀرائي ڪريو ٿا ته ڀلي ڪريو پر رڳو ھڪ سياسي پارٽِي عمران خان جي، پي ٽي آءِ جي حمايت نه ڪريو ڇاڪاڻ ته ھو بردبار ٽڪو ئي ڪونھي. اسٽيبلشمنٽ کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڏ ٽوڙڻ جو ڪٽر حامي رھيو آھي. بھرحال ملڪ جي فائدي خاطر سکڻن ۽ خوبصرت بيانن تي گذر سفر ڪرڻ واري عمران کي سپورٽ ڪونه ڪريو ۽ ٿي سگهي ته سنڌ سميت ملڪ جي مفاد خاطر سندس زوردار مخالفت جاري رکو ته وھ واھ.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.