مون کي مارائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي: عمران خان ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

 

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 4 ماڻهن مون کي مارائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.

رحيم يار خان ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مون کي مارائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، 4 ماڻهن اهو منصوبو ٺاهيو، مريم نواز، مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف ذريعي پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي ته عمران خان مذهب جي توهين ڪئي آهي، اهي هاڻ به سازش ۾ لڳل آهن، انهن جي ڪوشش آهي ته عمران خان تي ڪا به واردات ٿي ته چونداسين مذهبي جنوني ائين ڪيو، اهي چوندا ته انتهاپسند عمران خان کي ماري ڇڏيو.

هن چيو ته مان سڄي پاڪستان ۾ گهمي رهيو آهيان، مون کي پنهنجي حياتي کان وڌيڪ ملڪ جي آزادي جي ڳڻتي آهي، اسٽيبلشمينٽ کان پڇان ٿو ته ڇا ڪرپشن ختم ڪرائڻ رڳو منهنجي ذميواري آهي؟ ڇا ڪرپشن جي خاتمي جو ٺيڪو رڳو عمران خان کنيو آهي؟ ڇا اها توهان جي ذميواري ناهي؟

سندس چوڻ هو ته ملڪ تي عذاب آيل آهي ۽ وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آمريڪا ويا آهن، هڪ آمريڪي اداڪارا مدد لاءِ هتي پهتي آهي ته هوءَ آمريڪا ۾ ڇا ڪري رهيا آهن؟ اهي اتي مهانگن هوٽلن ۾ رهن پيا، اسان تي چور مڙهيل رهيا ته ملڪ جو ڪو مستقبل ناهي.

عمران خان چيو ته حڪومت ۾ شامل جماعتن ڀرپور ڪوشش ڪئي ته عمران خان کي نااهل ڪيو وڃي، انهن کي خوف آ ته عمران خان چونڊون کٽي ويندو، اسان کي پنهنجي حقيقي آزادي لاءِ نڪرڻو پوندو، راڻا ثناءُ الله اسان کي ڌمڪائي رهيو آهي، ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو، هيل ڪپتان ڀرپور تياري سان ايندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.