انگلش ٽيم سترنهن سالن کانپوءِ سڀاڻي ڪراچي پهچندي، اهم اعلان

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم سترهن سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي سڀاڻي ڪراچي پهچندي.

انگلش ٽيم جو ڪپتان جوز بٽلر سڀاڻي منهنجند جو ٻه وڳي پريس ڪانفرنس ڪندو.

انکانسواءِ پاڪ انگلينڊ سيريز جي پريڪٽس شيڊول جو به اعلان ڪيو ويو آهي. انگلينڊ جي ٽيم پهريون پريڪٽس سيشن جمعي جي شام ڪندي جڏهن ته ڇنڇر جي ڏهاڙي تي انگلينڊ ۽ پاڪستان ٻئي ٽيمون پريڪٽس سيشن ڪنديون.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ست ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات ويهه سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندي.

سيريز جون شروعاتي چار ميچون ويهه، ٻاويهه، ٽيويهه ۽ پنجويهه سيپٽمبر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون جڏهن ته اٺاويهه، ٽيهه سيپٽمبر ۽ ٻه آڪٽوبر جي شيڊول واريون ميچون قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.