مڙس زال جو گردو چوري ڪري بليڪ ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو

ڀارتي رياست اڙيسا سان تعلق رکندڙ هڪ عورت اها دعويٰ ڪئي آهي ته سندس مڙش هن جو گڙدو چوري ڪري بليڪ ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب اڙيسا جي ڳوٺ ڪوڊوميٽا جي عورت رنجيتا ڪونڊو جو پنهنجي مڙس تي الزام آهي ته سندس مڙس اسنت ڪونڊو چار سال اڳ ڌوڪي سان سندس گڙدو چوري ڪيو آهي جنهن کي بعد ۾ وڪرو ڪيو آهي

رنجيتا چيو ته کيس ڪيترين ئي ڏينهن کان پيٽ ۽ چيلهه ۾ سور هيو جنهن جي جاچ لاءِ هو ڊاڪٽر وٽ وئي جتي کيس خبر پئي ته هن وٽ هڪ ئي گڙدو آهي

عورت موجب 2018 ۾ گڙدي ۾ پٿري سبب اسپتال ۾ داخل هئي، مڙس چيو ته آپريشن ٿيندو ۽ پٿري جي نيڪالي ٿيندي پر هن گڙدو ئي ڪڍرائي ڇڏيو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب رنجيتا ڪونڊو ٻڌايو ته کيس ان ڳالهه جي ڄاڻ وقت سر نه پئي ڇاڪاڻ ته کيس بيهوشي جو انجيڪشن ڏنو ويو هو، عورت جو مڙس بنگلاديشي شهري آهي جيڪو غير قانوني اميگرينٽ طور رهائش وٺيون ويٺو آهي

متاثر عورت ٻڌايو ته سندن شادي کي 12 سال گذري چڪا آهن، کين ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي، جڏهن ته ٻه مهينا اڳ سندس مڙس ڪنهن عورت سان ڀڄي ويو جنهن کانپوءِ هوءَ هاڻي پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ ترسيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.