مائنس ون فارمولا ماضي ۾ به نه هليا ۽ هاڻي به نه هلندا: شاهه محمود

ملتان ( م ڊ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مائنس ون وارا فارمولا ماضي ۾ به ملڪ نه هلي  سگهيا ۽ هاڻي به نه هلندا. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيوته ننڍي چونڊ کي ملتوي ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو، ننڍي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جي شڪست واضح ٿي چڪي هئي، اليڪشن ڪميشن اسان کي هڪ ڀيرو وري مايوس ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ۾ وڃڻ بابت پارٽي اندر ٻه راءِ آهن، هڪ راءِ اسيمبلي ۾ واپس ۽ ٻئي نه وڃڻ جي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان سدائين فوج جي دهشتگردي خلاف ڪوششن جي ساراهه ڪئي آهي، آرمي چيف جي مقرري آئين موجب هئڻ گهرجي، مخالف اسان کي فوج خلاف ويڙهائڻ چاهين ٿا اسان سندن چالاڪيون سمجهون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.