عمران ٻڌائي ته پاڪ آرمي ۾ ميرٽ تي ڪڏهن مقرري ناهي ٿي: خواجا آصف

اسلام آباد ( م ڊ )  بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان جي ڪرپشن خلاف جاچ ٿي رهي آهي، معاملا پرڏيهي فنڊنگ سان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته اسان توشا خانا تي درخواست ڏني، اسان 180 ملين تي جاچ مڪمل ڪري ورتي. پرڏيهي فنڊنگ سان به معاملا گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن. خواجا آصف چيو ته عمران خان ٻڌائي ته پاڪ آرمي ۾ ميرٽ تي ڪڏهن مقرري ناهي ٿي، جيڪي به چار يا پنج نالا ايندا آهن اهي فوجي قيادت موڪليندي آهي، عمران خان پهريان عدالتن ۽ ادارن خلاف ڳالهائيندو آهي پوءِ وري وضاحتون ڏيندو آهي،. شهباز شريف جي لنڊن وڃڻ وارين افواهن تي خواجا آصف چيو ته شهباز شريف جي لنڊن وڃڻ بابت اڃا فيصلو ناهي ٿيو ۽ مونکي ان معاملي جي وڌيڪ ڄاڻ ناهي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.