سنڌ ۾ برساتن سبب هر هنڌ تباهي، مختلف واقعن ۾ 20 ڄڻا فوت، سوين گهر ڊهي پٽ، هزارين ماڻهو بي گهر، حڪومت غائب

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر/ نمائندن وٽان) سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي، گجگوڙ سان جاري برسات ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا.  طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر اُجاڙي ڇڏيا، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سوڌو 20 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

حيدرآباد ۾ گجگوڙ سان برسات سبب عام زندگي مفلوج، هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، گڏاپ ۾ ٿڌو ڊيم ڀرسان مير خان گوندر ۾ تيز وسڪاري بعد ٻوڏ جهڙي صورتحال، بحريه ٽائون آڏو چيلهه جيڏو پاڻي بيهجي ويو، ٽريفڪ سخت متاثر ٿي، حيدرآباد شھر، لطيف آباد، قاسم آباد جا روڊ  رستا گھٽيون ڪالونيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون.

حيدرآباد ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. حيدرآباد ٻھراڙي ۾ زوردار برسات سبب سوين ڪچن گھرن کي نقصان ۽ زرعي فصل ووئڻن ڪپھه کي سخت نقصان پھتو، حيدرآباد جي ڪيترن ئي روڊن گھٽين ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھي ويو. گاڏي کاتو، قدم گاھ مولاعلي روڊ، اسٽيشن روڊ، قاضي قيوم روڊ، مڪي شاھ روڊ، پٺاڻ ڪالوني. بئراج ڪالوني، ھالا ناڪو. فقير جو پڙ ۽ ٽنڊو يوسف سميت حيدرآباد جي ريلوي ڪالوني ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو.

لطيف آباد جي جي او آر ڪالوني لطيف آباد ريلوي پل گدو چوڪ ريلوي پل حسين آباد ۾ به برسات جو پاڻي بيھجي ويو. حالي روڊ واري علائقي ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هو. فتح چوڪ سميت الوحيد ڪالوني الشفيق ڪالوني ۾ برسات جو پاڻي بيھي ويو قاسم آباد جي وحدت ڪالوني پاڻي ھيٺ گھرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو سٽيزن ماروي ٽائون چانڊيا ڳوٺ سميت قاسم آباد جون ڪيتريون ڪالونيون پاڻي ھيٺ اچي ويون.

صوبائي وزير ڄام خان شورو حيدرآباد جي ڊي سي فواد غفار سومرو برسات دوران حيدرآباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ڪوٽڙي ۾ مسلسل برسات شهر ٻوڏ جو ڏيک ڏيڻ لڳو هزارين گهرن ۾ پاني بيٺل ٻٻر اسٽاپ پوپٽ ڳوٺ مڪمل طور تي متاثر انتظاميا اگھور ننڊ ستل عوام بي يارو مدد گار بڻجي وئي.

ڪوٽڙي شهر جي مک روڊن تي علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو ، جهڏو ۾ هلندڙ مسلسل برسات تباهي مچائي ڇڏي، پراڻ ندي، جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ، جسڪاڻي سيم نالا اور ٽاپ ٿي وهڻ شروع ٿي ويا، جهڏو لڳ روشن آباد وٽ پراڻ ڍوري کي 200 فٽ جو گهارو پئجي ويو جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لاتعداد ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، شهر جي اڪثر علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، ضلعي انتظاميا متاثرن جي واهر نه ڪئي، رهواسي بي يارو مددگار بڻيل آهن.

ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ونگو، ستون ميل، بلوچ آباد سميت تعلقي ۾ هلندڙ 24 ڪلاڪ کان مسلسل هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جنهن ۾ وونئڻ مرچ سميت ڪيترائي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته تيز برسات سبب ڪيترائي گهر پٽ پئجي ويا آهن، ستون ميل وٽ ڪولھي برادري جي عورت مراکان ڪولهي تي ديوار ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پئي.ڪنڊيارو جي اسپتال روڊ، عيدگاهه روڊ ۽ ڪورٽ روڊ تي ٻه فوٽن تائين  برسات جو پاڻي بيٺل آھي، پمپ اسٽيشنون بند ۽ ٽائون عملو شھر مان غائب آھي، ڪيترن ئي هنڌن تي برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آھي.

خير محمد آريجا ۽ آس پاس جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي روڊن رستن سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

جمال شاھ ۽ ڀرپاسي جي علائقن اصغر آباد ، ھبيري، لنڊي شاخ، دوڙ شاھ، شير علي شاھ ۽ علي بخش زرداري ۾ گذريل رات کان مسلسل برسات پوڻ سبب گھرن ۽ فصلن ۾ پاڻي بيھجي ويو، ڪيترائي گھر ڪري پيا آھن، ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن جو شھر سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

خيرپور ۾ تيز برسات پوڻ سبب شھر جي مل ڪالوني ڀٽي پاڙي ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 25 سالن جو نوجوان غلام قادر بروهي ڀت ھيٺان دٻجي موقعي تي فوت ٿي ويو،  سيٺارجا ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب ھڪ عورت مسمات زليخان خاتون فوت ٿي وئي ، ساڳئي گھر جون ٻه عورتون نصيبان ، ڪونج ۽ ھڪ معصوم ٻارڙي صنم زخمي ٿي پيون ، زخمين کي علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، کهڙا ۾ مسلسل پنجين ڏينهن جي برسات شھر کي ٻوڙي ڇڏيو.

گهرن ۽ دڪانن ۾ پاڻي داخل ويو، روڊن رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي آهي، عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، علائقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، ڪنب ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آھي ڪنب ۽ مختلف هنڌن تي ڏهن کان وڌيڪ گهر ڪري پيا آهن.

ڪنري تعلقي ۾ 22 ڪلاڪن کان جاري برسات راڱا ڪري ڇڏي، تعلقي ۾ ٻن ڏينھن دوران 200 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪيترائي ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، برساتي پاڻي ماڻھن جي گھرن ۾ داخل ٿي ويو ۽ ڪيترائي ئي گھر ٻڏي ويا. ڪافي علائقن ۾ فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا جڏھن ته مختلف ڳوٺن مان ماڻھو لڏپلاڻ ڪري محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا آھن.

لکي غلام شاھ ڀرسان ڳوٺ قادر بخش کوسو ۾ تيز برسات سبب گهر اندر برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري گهر جي ڀت ڪري پئي جنهن دوران ٻن سالن جو ياسر علي ولد راحب علي جوڳي فوت ٿي ويو ، لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ گذريل پنجن ڏينهن کان مسلسل وقفي وقفي سان طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن ڪري شهر جي اهم روڊ رستن توڙي ڳتيل آبادي وارا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ ڪاروباري سرگرميون ٺپ ٿي ويون آهن، برسات شروع ٿيندي ئي سيپڪو طرفان ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي جنهن ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو.

هوڏانهن موسميات کاتي طرفان 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ ڪيل 115 ملي ميٽر برسات سبب شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سوين گهر برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن.

شهر ۾ مختلف واقعن ۾ ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، ٻنون، لائقپور، حسين پور، بچل گگو ۽ ٻين يونين ڪائونسلن ۾ برساتن تباھي مچائي ڇڏي، ڀرياسٽي جي وارڊ نمبر 6 سيد نورمحمد شاھ مقبري سامھون گھر جي ڇت ڌماڪي سان ڪرڻ سبب ھڪ عورت ۽ ٻه معصوم ٻارڙا دبجي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

دريا خان مري توڙي آسپاس وارن علائقن ۾ 18 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان تيز برسات سبب ڪيترن ئي گھرن جون  ڀتيون ڪري پيون. گهوٽڪي ۽ مختلف علائقن ۾ زوردار برسات بعد سرحد، جهانپورشريف، پراڻي سرحد، فتح پور، ڄام ڳوٺ، سميت ڪچي جا علائقا ڳوٺ  مور سندراڻي، گهنور ساوند، مراد علي سندراڻي، نواب سندراڻي، الهوسايو سندراڻي سميت ڪيترائي علائقا برسات توڙي ٻوڏ جي پاڻي سبب ٻڏي ويا جڏهن ته ڪچي 7 ڳوٺاڻن جا گهر پڻ برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي سبب ڊهي پٽ پئجي ويا آھن جنهن سبب متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن.

برساتن سبب سرحد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون پڻ ٿي ويو آھي، مانجهند تعلقي ۾ 20 ڪلاڪن کان مسلسل تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي جابلو نئين اوڇو ڀرڻي ڀاڏر ڪوڪو سميت مختلف نيئون وهي اچڻ سبب ڳوٺ ڀٽ ڪاڇي ڳوٺ قبي ڳوٺ ڏيٿا ڳوٺ شاهه اويس قرني، مانجهند، لاکا، شاهه اڀريو گل محمد لاشاري علي بخش تنگهياڻي  الهرکيو ورياڻي صوڀو مانجهند صوڀو حاجاڻو انڙپور سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.

مقصودو رند ۽ ڀرپاسي جي 30 کان مٿي ڳوٺن ۾ گذريل ڏينھن ۽ رات کان جاري برسات تباھي مچائي ڇڏي ۽ روڊن رستن گھٽين ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي جنھن سبب ماڻھن سخت شڪلاتن ۾ آھن جڏھن ته ڳوٺ مراد علي رند ، زوار لعل بخش رند ، رئيس بروهي ، خان رند ، سھجو رند ، ولي محمد رند ، ڌگاڻو رند ، محرم خاصخيلي ، مٺو رند ، حاجي رند ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪچا گھر ۽ ڀتيون ڪري پٽ ٿي ويون آهن ۽ ڪيترائي غريب مسڪين بي گھر ٿي ويا آھن ۽ بي يارو مدد گار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جڏھن ته حڪومت کان مدد جا منتظر آهن.

مٽياري ضلعي ھيڊ ڪوارٽر شھر سميت مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جھڙي صورتحال برسات سبب 30 کان وڌيڪ ڪچا گھر ڊھي پيا، قومي شاھراھ تي مختلف حادثن ۾ 20 ماڻھو زخمي ٿي پيا، ميھڙ ۾  برسات سبب هيٺانهن وارا علائقا ٻڏي ويا آهن.

ميان صاحب ۽ آس پاس جي علائقي جي ڳوٺن جاڳڻ،  جهانواھ، پٺاڻواھ، بدر مارفاڻي، رانجهن مارفاڻي، گلاب مارفاڻي، دينور، پيروز رند سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺ  برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا، گهرن ۾ اناج، هنڌ، پيتيون ۽ ٻيو سامان لڙي ويو، 40 کان مٿي چوپايو مال ڍور به مري ويا. ميرپور بٺورو ۾ مسلسل ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ برسات کانپوءِ واهن ۽ سم نالن ۾ پاڻي ۾ چاڙھ ٿي ويئي آهي جنهن سبب واھ، ڪئنال ۽ سم نالا اوور ٽاپ ٿي ويا آهن.

هوڏانهن سم نالي ٿري آر کي آر ڊي 4 ڳوٺ قاسم ميراڻي وٽان رات دير سان گهارو پئجي ويو جنهن سبب سوين ايڪڙن تي سارين جو بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، سم نالي آر ٿري اوور ٽاپ ٿيڻ سبب ڳوٺ مريد چانگ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن امام ڏنو، اصغر چانگ، پوڙهو ،امير بخش، جمن ۽ احمد چانگ جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، نئين ڪوٽ ۾ به هر طرف تباهي جا منظر آهن.

نوابشاھ ۾ گذريل 20 ڪلاڪن کان مسلسل برسات جاري ھئڻ ڪري نوابشاھ شھر جا ننڍا وڏا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، نيوسعيد آباد شهر سميت ڀرپاسي وارن شهرن ۽ڳوٺن بکر جمالي، پراڻي سعيدآباد ،پنجمورو ،هالا برانچ، ڀاڻوٺ، امين لاکو، اول ڇڇر ۾ برسات راڱا ڪري ڇڏيا، 30 کان وڌيڪ ڪچا ۽ڪکاوان گهر ڊهي پٽ پئجي ويا جنهن سبب 13 کان مٿي معصوم ٻارڙا، مرد، عورتون زخمي ٿي پيا.

قاضي احمد ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ مينهن سبب زندگي مفلوج بڻجي وئي رڪن ٻرڙا ۽ ڪرڪلي سميت آسپاس جي مختلف ڳوٺن ۾ برسات تباھي آڻي ڇڏي ھر طرف برسات جو پاڻي ئي  پاڻي نظر اچڻ لڳو  رڪن ٻرڙا  سميت  مٿين ڳوٺن جا ڪيترائي  ڪچا گهر برسات جو پاڻي بيھڻ ڪري پٽ پئجي ويا.

سيوھڻ، جھانگارا، باجارا، آراضي، بوبڪ ۽ ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ روڊن رستن گھٽين ۽ ھيٺاھن وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيھجي ويو شھري گھرن تائين محدود ٿي ويا، لعل شھباز قلندر جي نالي سان منسوب لال باغ کي نئين ٻوڙي ڇڏيو آھي.شادي پلي شهر سميت يوسي حاجي پير شاهه ۽ يوسي ٻريجي مختلف ديهن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۔ لاڳيتو برسات وسڻ سبب برسات جو پاڻي وڏي مقدار ۾ بيهڻ ڪري شادي پلي شهر ۽ ٻنهي يوسيز ۾  هڪ سو جي لڳ ڀڳ پڪا توڙي ڪچا گهر پٽ پئجي ويا.

سکر جي علائقي پير مراد شاھ مائيڪرو ٽاور ۾ برسات سبب نادر جاگيراڻي جي گھر جي ڇت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ ملبي هيٺان دٻجي سندس امڙ صاحبان خاتون موقعي تي ئي فوت ٿي وئي جڏھن ته نوجوان نياڻي صائمه زخمي ٿي پئي جنھن کي فوري طور تي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته سکر ريلوي اسٽيشن ويجھو بجلي جي کنڀي تان ڪرنٽ لڳڻ سبب ھڪ عورت زخمي ٿي پئي ۽ ٻه مينهون ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون ۽ رات ويندي تائين برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان بدستور جاري ھو. ٽنڊوالهيار ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ شهر سميت ٻهراڙي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.

نندو موري ويجهو ڳوٺ موتي ڪولهي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 60 سالا ڪرشن ڪولهي فوت ٿي ويو، مختلف واقعن ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، يوسيز  مسوبوزدار، هنگوراڻي،  شاهپور رضوي، ڊاسوڙي، ٽنڊوسومرو،  بڪيرا شريف، کوکر، مسڻ، پاڪسنگهار سميت ٻين يوسين ۽ ُڳوٺن ۾ 100 کان مٿي گهر ڊهي پيا، برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.

عمرڪوٽ ضلعي ۾ 26 ڪلاڪ مسلسل برسات تباھي مچائي ڇڏي، ٻوڏ واري صورتحال اختيار ڪري ويئي، ھزارين ڪچا ۽ پڪا گھر ڪري پيا، هزارين غريب مسڪين ماڻھو بي يارو مددگار بڻجي ويا آهن، لڏ پلاڻ ڪري ٿر جي وارياسي علائقن ۾ کليل آسمان ھيٺ پناھ وٺي ڇڏي آهي پٿورو، سامارو، ڪنري ۽ عمرڪوٽ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ڍورونارو، راجا رستي، شادي پلي، بودر فارم، ڪرنا موري، بچابند، صوفي فقير سميت ٻين علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي.

قمبر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان زوردار وسڪاري سبب ڪيترن گهرن جون ڇتيون ڀتيون پٽ پئجي ويون، قمبر جي سينيئر صحافي طفيل احمد چانڊيو جي گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، گهر ۾ پيل سمورو قيمتي سامان دٻجي ويو.

ٽنڊو ڄام ۾ 5 ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، برسات سبب وونئڻ، ڪمند، بصر ۽ ٻئي فصل کي شديد نقصان پهتو  دوڙ ۾ برسات دوران 15 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڪِري پيا، ٽن ٻارن سوڌو 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

باڊهه ويجهو واڙي جي ڇِت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 3 مينهون دٻجي مري ويون.

ملڪاڻي شريف ۾ برساتي پاڻي فصل ٻوڙي ڇڏيا آھن، 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جو پاڻ ۾ زميني رابطو ڪاٽا ٿيل آھي.

فيض گنج ۾ تيز برسات دوران ڪچا گهر ڊهي پيا، رستا ۽ گهٽيون تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويون آھن.

ڇاڇري ۾ هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.ڇاڇري ۾ بازارن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ڪاروبار نه کُليو.

ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شهدادڪوٽ، عادلپور، ڦل، ڪشمور، جهنڊو مري، مورو، ڏوڪري، محرابپور ۽ ڀريا سٽي ۾ ڪٿي ته ڪٿي تيز وسڪارو جاري رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.