ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾گهٽتائي اچي وئي آهي. سون جو اگهه في تولو 2800 رپيا گهٽ ٿي ويو آهي.

سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جو في تولو اگھھ 2800 رپيا گهٽ ٿيڻ بعد هڪ لک 42 هزار 600 رپيا ٿي ويو آهي.

ان کانسواءِ 10 گرام سون جو اگھھ 2397 رپيا گهٽ ٿي هڪ لک 22 هزار 256 رپيا جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالر ہاؤ سان 1771 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.