ممنوع فنڊنگ ڪيس فيصلو: بال هاڻي حڪومت ۽ عدالت جي ڪورٽ ۾ آهي

عاصمه شيرازي

فيصلا تحريري هجن يا تشهيري، ڀتين تي لکيل هجن يا پسِ ديوار هجن سي نتيجن جي خوف کان  کان مٿانهان هئڻ گهرجن. جيڪي بي خوف هوندا آهن سي ئي اسڪندر ٿيندا آهن خوف جيڪڏهن رياست جي ڀتين سان چنبڙيل هوندو ته پوءِ دليري سوال بڻجي ويندو آهي ۽ سچ ته اهو آهي ته دليري وارن فيصلن لاءِ به نتيجن کان بي پرواهه ۽ نڊر ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي. ايمانداري ئي بي خوف بڻائيندي آهي. اهو ئي بنياد آهي جنهن جي کوٽ اڄ شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي.

ممنوعه فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ۾ نه رڳو پرڏيهي فنڊنگ آڏو اچي چڪي آهي پر انڊيا ۽ آمريڪا کان فنڊنگ جون شاهديون به ملي ويون آهن. عمران خان صاحب جو حلفي بيان ڪوڙو ڄاڻايو ويو آهي. سو هاڻي ڳالهه الزام کان گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي.

ڪالهه تائين جيڪا جماعت ٻين تي سکڻو الزام لڳائيندي هئي تنهن جو پنهنجو حلفي بيان ڪوڙو ثابت ٿيو آهي. هاڻي بال حڪومت ۽ عدالت جي ڪورٽ ۾ آهي ته اهي ان کان صداقت ۽ امانت جي سند واپس وٺن ٿايا نه.

ممنوع غير ملڪي چندي تي بيٺل جماعت ڇا هاڻي به غداري ۽ چوري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندي وتندي تنهن جو فيصلو ادارن ۽ حڪمرانن کي ڪرڻو پوندو. بهرحال چيف اليڪشن ڪمشنر تمام گهڻي دٻاءُ ۽ خوف کي مات ڏئي ڇڏي آهي.

هي غير معمولي حالتون آهن. غير معمولي واقعا انهن غير معمولي حالتن تي حاوي ٿي سگهن ٿا. اسان جي پياري ملڪ اندر گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن تن ملڪ کي تجربي گاهه ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. هونئن ته گذريل پنجهتر سالن کان ملڪ تجربن مان گذري رهيو آهي پر هاڻي اهي تجربا ملڪ لاءِ سانحا بڻجي رهيا آهن.

گذريل ڪيترن ورهين کان ادارن جي سياست ۾ مداخلت ۽ پاڻ کي رياست جي اعليٰ عهدي تي مقرر ڪري حڪومت مٿان تاج بنا حڪمراني جو جيڪو تجربو ڪيو ويو آهي سو هاڻي هائبرڊ ٿي چڪو آهي جنهن ملڪ جي بنيادن تي لوڏي ڇڏيو آهي.

ادارن اندر ميرٽ جي بدران ذاتي مفاد کي قومي مفاد ۽ شخصي مفاد کي قومي وقار بڻائي جنهن نموني پيش ڪيو ويو تنهن جو نتيجو اهو آهي ته آئين ۽ قانون گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي. ان جو هڪ مثال نيب جو اڳوڻي چيئرمين جي مقرري آهي. خوف جي هٿيار سان جنهن نموني انصاف ۽ احتساب جو قتل ٿيو آهي تنهن جو جيئرو جاڳندو مثال هڪ بي وس عورت جي صورت ۾ اڄ به ويڊيو ڪهاڻين ۾ موجود آهي. ڇا اهڙو به ڪو معاشرو آهي جتي انصاف جي نالي تي يرغمال بڻائي احتساب کي ئي ڊيچاريو ويو هجي. اخلاقي ڪمزوري، خوف جو خول چاڙهي احتساب کي انتقام بڻايو ويو هجي ۽ حڪمران رياست مدينه جي نالي ۾ ڪوفه بڻائيندا رهن. اڄ ڪير به هڪ سر کڻندو ته ان جي هيٺان اهي فائيلون، ويڊيوز ۽ آڊيوز دفن آهن جيڪي انصاف، احتساب، ۽ نظام جا بنياد لوڏڻ لاءِ ڪافي آهن.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.