نوابشاهھ ۾ اڻڄاتل جوابدار اي ٽي ايم مشين کي باهه ڏئي فرار

نوابشاھه (رپورٽ ايم بي چانڊيو)نوابشاھه -سڪرنڊ روڊ تي واقع نيشنل بينڪ جي مين برانچ ۾ اڱاري جي ڏينھن صبح جو سوير تقريبن 5  وڳي ڌاري ھڪ اڻڄاتل جوابدار بينڪ جي اي ٽي ايم واري ڪمري ۾ داخل ٿي اُتي رکيل ايم ٽي ايم مشين تي پيٽرول ھاري باھه جي تيلي ڏئي فرار ٿي ويو باهھ لڳڻ سبب اي ٽي ايم مشين جو وڏو حصو شديد متاثر ٿيو جڏھن ته انھيءَ سلسلي ۾ جڏھن بينڪ جي مينيجر رياض ميمڻ سان رابطو ڪيو ويو ته انھي ٻڌايو ته اي ٽي ايم مشين کي باھ ضرور لڳي پر خدا جي فضل سان ڪو وڏو نقصان نه ٿيو مشين ۾ رکيل ڪيش محفوظ رھي کائنس پڇيو ويو ته وڳوڙي جوابدار جي سڃاڻپ ڇو نه ٿي سگھي آھي ڇا بينڪ ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا بحال نه ھئي جنھن تي اُن چيو ته سي سي ٽي وي ڪيمرا بلڪل فعال آھي پر جوابدار کي چھري تي نقاب پھريل ھُيو انھي ڪري ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي ھن ٻڌايو ته اسان ان واقعي جو مشير نامو اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس وٽ جمع ڪرايو آھي پوليس جاچ ڪري رھي آھي ٻئي طرف جڏھن اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او مقصود احمد چنا سان رابطو ڪيو ويو ۽ کائنس ان وقعي متعلق پوليس اھلڪارن جي نااھلي ۽ پوليس پاران ٿيندڙ اڳڀرائي بابت موقف  معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ايس ايڇ او ڪي به تفصيل ٻڌائڻ بدران اھو چيو ته مان ھن وقت ڪنھن ميٽنگ ۾ آھيان پوءِ اوھان سان رابطو ڪيان ٿو. واضح رھي ته اھو وقت شام جو ساڍا 5 جو ھُيو ۽ ان وقت ڪھڙي آفيسر وٽ ميٽنگ ٿي سگھي ٿي ڇاڪاڻ ته آفيس ٽائيم وڌ ۾ وڌ 5 وڳي تائين آھي ٻئي طرف معلوم ٿيو آھي ته ان واقعي تي ايس ايس پي شھيد بينظير آباد امير سعود مگسي شديد ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي شھر جي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي طلب ڪري انھن کان سخت پڇاڻو ڪيو ذريعن وٽان اھي به اطلاع مليا آھن ته بينڪ ۾ مقرر پوليس اھلڪارن کي سزا طور ڪوارٽر گھاٽ ڪيو ويو آھي جڏھن ته حد جي ايس ايڇ او خلاف پڻ انڪوائري جا اطلاع آھن ان معاملي جي تصديق ان ڪري نه ٿي سگھي ڇاڪاڻ ته حد جي ايس ايڇ او ڪي به تفصيل نه ٻڌايا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.