جنت مرزا شروع ڪيو اهڙو ڪم جيڪو ٻين ناهي ڪيو، وري ٽڪ ٽاڪرز جا ميلا لڳي ويا !

جنت مرزا باصلاحيت ۽ خوبصورت پاڪستاني ٽڪ ٽاڪرز مان هڪ آهي جنهن جا مداح ساڻس بيحد محبت ڪن ٿا.

جانت مرزا جا ٽڪ ٽاڪ تي 19 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن ۽ انسٽاگرام تي 3 ملين فالورز آهن.

پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا فلم تيري باجري ڪي راکي ۾ پڻ ڊيبيو ڪيو آهي.

پر هاڻي جنت مرزا ۽ سندس ڀيڻ الشبا انجم پنهنجي سيلون کولي ورتي آهي.

فيصل آباد ۾ سندن سيلون جو نالو ايس جي اي سيلون اينڊ اسپا رکيو ويو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ جنت مرزا سيلون جي مهورتي تقريب رٿي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ٽڪ ٽاڪرز به شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ مشهور ٽڪ ٽاڪر مديحا احسن، ڪنول آفتاب، ذوالرنين ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

اچو ته سيلون جي مهورتي تقريب جون ڪجهه جهلڪيون ڏسون….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.