گھوٽڪي ۾ تيز رفتار ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، هڪ ڄڻو فوت، ٻه زخمي

گھوٽڪي ۾ تيز رفتار ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽  ٻه زخمي ٿي پيا.

موٽر وي تي تيز رفتار ڪار ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب سامهون ويندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ ڪار سوار اظهر حسين ڪولاچي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مظهر مهدي ۽ عورت سائرو پرين سخت زخمي ٿي پيا.

موٽر وي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال پهچايو، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

موٽر وي پوليس موجب ڪار سوار پنجاب کان ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.