لائيو اسٽريم دوران اڳوڻي زال کي جيئرو ساڙيندڙ شخص کي موت جي سزا

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ لائيو اسٽريمنگ دوران اڳوڻي زال کي جيئرو ساڙيندڙ شخص کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.

سزا تي عملدرآمد کان اڳ، جوابدار ٽينگ لوو کي ڏکڻ اولهه صوبي سيچوان ۾ سندس ڪٽنب سان آخري ملاقات پڻ ڪرائي وئي.

انڊيا ٽوڊي، چيني اخبار گلوبل ٽائمز جو حوالو ڏيندي لکيو ته سيپٽمبر 2020 ۾ عورت ٽڪ ٽاڪ طرز جي وڊيو پليٽ فارم ڊيوائن تي لائيو اسٽريمنگ ڪري رهي هئي، ان موقعي تي جوابدار کيس باهه ڏئي ڇڏي.

عورت ڪجهه هفتن تائين زندگي ۽ موت جي جهيڙيندي دم ڏئي ڇڏيو.

واقعي جي وڊيو سامهون اچڻ تي سڄي ملڪ ۾ سخت ردعمل سامهون آيو هو.

چين جي سرڪاري ميڊيا موجب ٽينگ لو ۽ لامو جي جون 2020 ۾ طلاق ٿي وئي. ان کان پوءِ جوابدار لامو کي ٻيهر شادي ڪرڻ لاءِ چيو پر عورت انڪار ڪيو.

واقعي واري ڏينهن، جڏهن لامو لائيو اسٽريمنگ ڪري رهي هئي ته ٽينگ هن جي پويان آيو ۽ مٿس پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي.

هن واقعي کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ آڪٽوبر 2021 ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.