قاضي احمد (ن ع آ) قاضي احمد ڀرسان نيو بسم اللُه ھوٽل تي چانھ پيئڻ دوران گوليون ھڻي قتل ڪيل پ پ اڳواڻ ۽ وٽنري ڊاڪٽر عبدالعزيز کوسو جو قتل ڪيس قاضي احمد پوليس مقتول جي ڀاءُ عبدالفتاح کوسو جي فرياد تي جوابدارن عبدالرشيد کوسو ،عابد کوسو ،زاهد عرف فوجي کوسو ،صمند کوسو،عبدالوحيد کوسو سميت پنج ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي فريادي ڪيس ۾ موفق اختيار ڪيو آھي ته جوابدارن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آھي اسان سان ڪو نه ٺھندا هئا ڪجھ ڏينهن اڳ نبي بخش کوسو مقتول عبدالعزيز کوسو سان منهن ماري ڪئي هوئي جنهن دوران کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ھنيون جنهن بعد اھڙو واقعو پيش آيو آھي ھوڏانهن داخل ڪيل قتل واري ڪيس ۾ چار سڱا ڀائر جوابدار طور شامل آھن.