بدر ابڙي جي ڪتاب ” کيرٿر جو سفر“ جو مختصر جائزو

اڀياس ڪار: امين جويو

بدر ابڙي جو هي ڪتاب کيرٿر تي کوجنا جي سلسلي ۾ پهريون تحقيقي ڪتاب آهي. هن ڪتاب کان پوءِ سندس ٻيا ڪتاب به سلسليوار ڇپيا آهن ، جن جو مختصر احوال به تُرت پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو ويندو. پر اڄ هن ڪتاب ” کيرٿر جو سفر“ جو مختصر جائزو ۽ تعارف هتي پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سال 2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪُل 297 صفحا آهن ۽ هن جي آخر ۾ ڏهن مُستند ڪتابن جا نالا ڏنل آهن جن منجهان ليکڪَ هن ڪتاب لاءِ حوالا کنيا آهن.

هي ڪتاب بدرابڙي کيرٿر ۾ پندرهن سالن جي زميني اڀياسَ کان پوءِ لکيو آهي. ليکڪ پنهنجو هي سمورو تحقيقي سفر ۽ قلمي پورهيو پنهنجي هڙان وڙان ڪيو آهي. هن اِهي سفرَ ڪجهه ذاتي دوستن جي مهربانين سان ، ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن اُٺن جي پُٺاڙن تي ڪيا آهن.

هن ڪتابَ جي خاص ڳالهه اها آهي ته اِهو روايتي قصن ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن جي بجاءِ جديد سائنسي بنيادن جي آڌار تي لکيو ويو آهي. تمام ڏُکين سائنسي ڳالهين ۽ اصطلاحن کي نِج ۽ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جن کي عام سنڌي ماڻهو به سولائيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. بدر ابڙي جي هن ڪتاب ” کيرٿر جو سفر“ ۾کيرٿر جي زميني علمَ ، جاگرافي ، ثقافتي ماڳن ، جهنگلي جيوت ، پاڻيءَ جي چشمن ، کيرٿر جي لَڪن ۽ لَنگهن ، نباتات ، ثقافتي پس منظرَ، عقيدن جي اُسرڻَ ۽ کيرٿر جي موسمن بابت لکيل آهي.

هن ڪتاب کان اڳ ۾سنڌي ٻوليءَ ۾ کيرٿر جي باري ۾ ايتري جامع معلومات ڪنهن به سنڌي ڪتابَ ۾ موجود ڪا نه هئي.  هن ڪتاب ۾ سڀ کان پهريان کيرٿر ۽ ڪوهستان جي سِرجَڻَ جي جوڙجڪ کي اڳ ۾ ٿيل تحقيق جي روشنيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي. ان ڏس ۾ ليکڪ ڊبليو- ٽي- بلانفورڊ ۽ ماڻڪ پٿاوالا جا حوالا ڪتب آندا آهن. ان کان پوءِ ايڇ- ٽي سورلي ۽ ايم. ايڇ پنهور جي ڪتابن ۾ ڏنل معلومات جي آڌار تي، سنڌ جي زميني ارتقا ، کيرٿر جي جوڙجڪ ، جوراسڪ زماني ، ڪرٽيئشس زماني ، ٽريشري زماني ۽ سنڌ جي ٻين جبلن جي جوڙجڪ ۽ وصفن بابت تفصيل سان لکيل آهي. ان کان سواءِ  ڪتاب جي ليکڪ کيرٿر ۾ موجود معدنيات ۽ قدرتي وسيلن جي باري ۾ پڻ ڄاڻ ڏني آهي. ان سان گڏ هُن ؛ کيرٿر ۾ زلزلن ۽ جَوالائي سرگرمين ، سنڌي سمنڊ جي سطح جو هڪ لک سالن جو ريڪارڊ ، کير ٿر جي جاگرافي ، کيرٿر جي چوٽين ، لَڪن ، ماٿرين ۽ نئين جو مختصر تعارف به ڏنو ويو آهي جيڪو پڙهڻ جوڳو آهي. ليکڪ مٿين سڀني موضُوعن کان علاوه منڇر ڍنڍ ۽ حمل ڍنڍ تي به جامع انداز ۾ لکيو آهي ته اهي ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آيون. نهايت اهم ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ليکڪ هن ڪتاب جي صفحي نمبر 83 ۽ 84 تي لکيو آهي ته؛ ” مشهور زرعي سائنسدان ايم- ايڇ پنهور مطابق گاج کان هيٺ ڪراچي ، دادو ، ٺٽي ۽ ڄامشوري جي حدن اندر 49 ( اوڻونجاهه ) چشما آهن ۽ گاج کان مٿي شهداد ڪوٽ تائين ٻيا ڇهه چشما آهن. پر سچ اهو آهي ته سنڌ جي جابلو ۽ ٽاڪرو علائقن ۾ واهين ۽ چشمن جو اصل تعداد اڃا به وڌيڪ آهي. فقط چانڊڪا واري علائقي ۾ پاڻيءَ جا ننڍا وڏا 100 ( سئو) کن چشما موجود آهن!“. ان کي چئبو آهي هڪ تحقيق جي بُنياد تي ٿيل وڌيڪ ۽ اڳڀري تحقيقَ… !  بدر ابڙي پَهڻن ۾ پير پِٿون ڪري کيرٿر جا اُهي سڀ وَٿاڻَ ووڙيا آهن جيسيتائين هو پهچي سگهيو آهي.

ليکڪ هن ڪتاب ۾کيرٿر ۽ ڪوهستان ۾ موجود قدرتي چشمن جي فهرست ڏني آهي جيڪا صفحي نمبر87 کان صفحي نمبر 89 تائين پَڙهي ۽ پَسي سگهجي ٿي. ڪوهستان ۽ کيرٿر ۾ موسمن جي ڦيرگير جو چارٽ هن ڪتاب جي صفحي نمبر97 کان صفحي نمبر 100 تائين ڏنل آهي.

ان کان علاوه ليکڪ کيرٿر ۽ ڪوهستان جي ماحول جي بچاءَ ۽ بحاليءَ لاءِ ڪجهه تجويزون به ڏنيون آهن جيڪي صفحي نمبر 154 کان صفحي نمبر 156 تي موجود آهن. ان کان پوءِ بدر ابڙي هن علائقي جي قديم ثقافتي سفر ۽ عقيدن جي اِرتقا جي ڳالهه پيرائتي نموني  ڪئي آهي جيڪا ڏاڍي دلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳي آهي.

هن ڪتاب ۾کيرٿر ۾موجود قديم ماڳن جي فهرست صفحي نمبر 163 کان صفحي نمبر 182 تائين ڏنل آهي. کيرٿر جي جهنگلي جيوت جي باري ۾صفحي نمبر 185 کان صفحي نمبر277 تائين ڄاڻ ونڊيل آهي ۽ ان سان گڏ انهن جون تصويرون به ڏنل آهن. ( پر افسوس جو هي ڪتاب ڇپائيندڙ اداري اُهي تصويرون رنگين نه ڇاپيون آهن ! نه ته هن ڪتاب جي سونهن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿئي ها.!)  ان سان گڏ کيرٿر جي نباتات جي باري ۾ صفحي نمبر 281 کان 296 تائين معلومات ونڊيل آهي پر افسوس جو انهيءَ نباتات جون تصويرون به ڇپيل نه آهن !

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هي ڪتاب کيرٿر جي علائقي بابت ڄاڻ جي کاڻ سان ڀريل ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ مُستند دستاويز آهي. کيرٿر تي تحقيق ڪرڻ جو شوق رکندڙ سياحن ۽ شاگردن لاءِ هي ڪتاب ڪنهن خزاني کان گهٽ ڪونهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو کيرٿر ۽ ڪوهستان جي علائقن جي معلومات گهر ويٺي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي هي ڪتاب لازمي پڙهڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.