خيرپورعدالت پاران ٻن عورتن سميت چئن ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

خيرپور (س ر ) خيرپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت مراد شاهه ڪالوني لوڪو شيد روهڙي جي رهواسي انور شيخ  جي طرفان داخل ڪرائيل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي عبدالرحمان انڙ ۽ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ٿاڻيدارن کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ٻٻرلوءِ جي رهواسي ڪلهوڙا برادري جي محمد فياض، اياز، شاهنواز ۽ علي محمد ڪلهوڙو وٽ مبينيٰ باندي بڻائيل مسمات ساديه شيخ کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي. ٻئي پاسي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج مس ثمينه منگي جي عدالت پڻ تعلقو نارا جي ڳوٺ لئه واري جي رهواسي شير محمد آرادين جي درخواست تي سوراهه ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ڳوٺ ڪمڙاهو جي رهواسي آرادين برادري جي مير، حسين بخش، ملوڪ ۽ علي خان آرادين وٽ مبينيٰ باندي بڻائيل مسمات شبينا زال علي خان، پنجن سالن جو عمران ۽ ٽن سالن جي بيبي روينا کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.