مٽياري ۾ مڪاني چونڊن جي اميدوارن جي اسڪروٽني وارو مرحلو مڪمل

مٽياري (ت ر)مٽياري ضلعي ۾ مڪاني چونڊون ٻئي مرحلي ٿينديون  چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي اسڪروٽني وارو مرحلو مڪمل ٿي ويو آھي، ان ڏس ۾ ورتل ڄاڻ موجب ضلعي جي 30 يوسيز جي اميدوارن جي اسڪروٽني جو مرحلو مڪمل ٿي  ويو پيپلزپارٽي اڳواڻن سميت ضلعي ڪائونسل جي 16 اميدوارن جا فارم اعتراض سبب رد ڪيا آھن جڏھن ته ضلعي جي 30 ہوسيز جي چئيرمين ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ 135 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آھن.  جن مان 126 اميدوارن جا فارم بحال ٿيا آهن جڏھن ته 9 اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آھن اھڙي طرح مٽياري ضلعي جي يوسيز جي جنرل سيٽن جي لاءِ 797 اميدوارن فارم جمع ڪرايا ھئا جن مان 726 اميدوارن جا فارم بحال ٿيا جڏھن ته 71 اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا ٻئي طرف مٽياري ٽائون ڪاميٽي مان 3 اميدوارن جا فارم رد ٿيا کيبر  ٽائون ڪاميٽي مان 2 اميدوارن جا فارم رد ٿيا ۽ اڏيرولال اسٽيشن ٽائونث ڪاميٽي مان 2 فارم رد ڪيا ويا،  اسڪروٽني جي مرحلي ۾ پيپلزپارٽي جي ڪيترن اميدوارن جا فارم دد پڻ ٿيا آھن. ھوڏانھن غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب يوسيز تاجپور مان پيپلزپارٽي اميدوار بنا مقابلي ضلعي ڪائونسل جو اميدوار اچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.