بجلي اگهن ۾ 13، گئس 45 رپيا واڌ جون تياريون

لاهور(بيورو) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت بجلي جي اگهن ۾ 13 ۽ گئس جي قيمتن ۾ 45 رپيا واڌ جو منصوبو بڻائي رهي آهي، جيڪي ماڻهو توانائي جو شعبو هلائي رهيا آهن اهي فوري استعيفيٰ ڏين، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح 30 سيڪڙو کان به وڌي سگهي ٿي، مريم نواز پي ڊي ايم ۽ سيلز ٽيڪس جو معاهدو پڙهي رهي هئي، اسان ڪورونا ۾ هڪ رپيو به ٽيڪس نه لڳايو، آءِ ايم ايف جا شيئر هولڊر ملڪ پاڻ سبسڊي ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته ٻن مهينن ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ 24 رپيا پاڪستاني ڪرنسي جي بي قدري ٿي آهي، لوڊشيڊنگ حد کان وڌي وئي آهي، هن چيو ته جيڪي ماڻهو انهن کي تجربيڪار چوندا هئا انهن کي شرم اچڻ گهرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.