لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر خانپور ۾ زيادتي کان بچڻ لاءِ ڇوڪريءَ مبينا طور تيزاب پي ڇڏيو.
پوليس موجب متاثر ناري نوڪري لاءِ فوڊ شاپ ڪئي هئي، کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو آهي، جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ڇوڪرين سميت 5 جوابدارن جو گروهه ڇوڪرين سان زيادتي ۾ ملوث آهي، جوابدار ضرورتمند ڇوڪرين کي ملازمت جو ڏٽو ڏئي گهرائيندا آهن ۽ مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪري زيادتي تي مجبور ڪندا آهن.
متاثر ڇوڪري ٻڌايو ته ٻيون به ڪيتريون ئي متاثر ڇوڪريون آهن، جيڪي عزت جي خوف سبب سامهون ناهن اينديون.
پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ڇوڪري جي بيان کانپوءِ جاچ ڪري رهيا آهيون، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.