پني عاقل ۾ پٽ جو پيءُ تي تشدد، والدين جو احتجاج

پنوعاقل ( س ر ) پني عاقل جي ڳوٺ گگل واسي پيرسن تڳيل ۽ ثمينه سومرو کي پٽن تشدد جو نشانو بڻايو،متاثر پيرسن تڳيل سومرو ۽ سندس گهرواري ثمينه سومرو ٻڌايو ته اسان کي پٽن ذيشان ۽ ٻين تشدد ڪيو،بائيجي پوليس دانهن ورنائڻ بدران گارگند ڪئي۔هنن وڌيڪ چيو ته بائي پوليس ليٽر به ناهي ڏنو ويتر اتي ويٺل اهلڪارن گارگند ڪري ٿاڻي مان تڙي ڇڏيو، متاثرن چيو ته پٽ گهر تي قبضو ڪيون ويٺا آھن،قرض لاهڻ لاءِ  چيو ته هنن مارڪٽ ڪئي،ٻئي پاسي پوليس ۽ پيرسن جي پٽن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.