اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته روس يوڪرين جنگ جي معاملي تي پاڪستان جي نيوٽرل پوزيشن آهي، ان جنگ ۾ ڪالهه به نيوٽرل هئاسين ۽ اڄ به نيوٽرل آهيون.
پارليامينٽ ۾ غير رسمي گفتگو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي اعتمادي جو روس يوڪرين جنگ سان ڪو واسطو ناهي، اسان چاهيون ٿا ته روس يوڪرين جنگ جلد ختم ٿئي.
هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو اسان لاءِ پريشان ڪندڙ آهي، پاڪستان ۾ ڪڻڪ ۽ ٻين جنسن جي کوٽ هئي، اسان يوڪرين کان ڪڻڪ سميت ٻيون جنسون خريد ڪندا هئاسين، يوڪرين روس جنگ سبب فوڊ سيڪيورٽي مسئلا ٿيندا.
دورہ روس کو عدم اعتماد سے منسلک کرنا ایک غلط فہمی ہے، روس اور یوکرین کے درمیان جنگ پر مؤقف پاکستان کا آج بھی وہی ہے جو پہلے تھا کہ ہم نیوٹرل ہیں۔”
چیئرمین پاکستان پیپلز پارٹی اور وزیر خارجہ بلاول بھٹو زرداری کی پارلیمان میں صحافیوں سے غیر رسمی گفتگو@BBhuttoZardari pic.twitter.com/MqHJ2VJrvT— PPP (@MediaCellPPP) June 13, 2022
سندس چوڻ هو ته روس يوڪرين جنگ سان پاڪستان سميت خطي جي عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي، موسمياتي تبديلي سبب به فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا ٿي رهيا آهن، پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت سان فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا حل ڪري سگهون ٿا.
پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا بهترين تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪ ايران گئس پائپ لائن جو بنياد آصف علي زرداري رکيو هو، ڪوشش ڪنداسين ته پاڪ ايران گئس پائپ لائن ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي.