عوام دشمن بجيٽ ۾ مهانگائي کان سواءِ ڪجهه به ناهي:علي زيدي

ڪراچي  (رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي مالي سال 23-2022ع جي بجيٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته عوام دشمن بجيٽ ۾  سواءِ مهانگائي کان ڪجهه به ناهي، امپورٽڊ حڪومت ملڪ کي تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جيڪا معيشت ترقي طرف وڃي رهي هئي، اها هاڻ تباهه ٿي رهي آهي. علي زيدي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جو بحران وڌندو پيو وڃي ۽ ملڪ جي صنعتن جو ڦيٿو جام ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اهڙن نام نهاد تجربيڪارن کي آڻيندڙ پاڻ سوچڻ تي مجبور آهن، انهن نام نهاد تجربيڪارن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان کي سوچيل سمجهيل سازش تحت پوئتي ڌڪيو ويو آهي، امپورٽڊ حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري پنهنجي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪي ڇڏيو آهي ۽ تمام جلد عمران خان ملڪ جي عوام کي امپورٽڊ حڪومت مان نجات ڏياريندو. عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.