ڏوڪري ۾ دڪان مان سون چوري مامرو، جوابدار گرفتار

ڏوڪري ( ن ع آ )  ڏوڪري ۾ سوناري اجيت ڪمار جي دوڪان مان 3 تولا سون چوري ڪرڻ وارو معاملو، پوليس جوابدار کي سونا زيور سميت  گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي ان ڏس گذريل ڏينهن ايس ايڇ او ڏوڪري محمد مڱريو، اي ايس آءِ رستم علي جروار، اي ايس آءِ مختيار انڙ، وڏو منشي شير ککراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 13/05/2022 جي رات 12:30 بجي جوابدار جبران پٽ منٺار جويو دوڪان جو دروازو کليل ڏسي اندر گهري گودام ۾ لڪي ويهي رهيو هو. هنن چيو ته جئين ئي اجيت ڪمار گهر ۽ دوڪان جو در بند ڪيو ته موقعي جو فائدو وٺندي سونا زيور چوري ڪري فرار ٿي ويو جيڪو اڪ خميس جي ڏينهن تي جوبدار کي گرفتار ڪري سونا زيور هٿ ڪيا آهن. ان موقعي تي چئمبر آف ڪامرس صدر عبدالحميد جيسر، پ پ اڳواڻ علي بخش ميتلو، لياقت علي سومرو، شهمير علي ميراڻي، پرڪاش لعل ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.