بجلي بحران عمرانيا عذاب هو، ضابطي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: خرم دستگير

 

لاهور(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته پهرين ترجيح واهپيدارن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي.

ليسڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير خان جو چوڻ هو ته اپريل ۾ اسان جي سامهون بجلي جو بحران هو، مسلم ليگ ن جڏهن پوئين حڪومت مڪمل ڪئي، ان وقت ججهي بجلي موجود هئي، اسان کي هاڻي حڪومت ملي ته 8 کان 10 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جاري هئي، هي بحران چئن سالن جي بدانتظامي ۽ عمرانيا عذاب هو، هاڻي اسان بحران تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته جتي لائن لاسز گھٽ آهن، اتي لوڊشيڊنگ زيرو آهي، لاهور ۾ لوڊشيڊنگ زيرو آهي، 7 هزار ميگا واٽ جي صلاحيت بند پئي هئي، عمراني حڪومت وقت تي ڊيزل، گيس، ڪوئلو نه خريديو هو، هن وقت گردشي قرض 2400 ارب رپيا آهن، جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ قيمتون رڪجي وڃن ته ان کي حل ڪري وٺنداسين.

سندس چوڻ هو ته چار مهينن کان ڪوئلي جي قيمت وڌي رهي آهي، اسان بجلي جا ريٽ مستقل رکنداسين، پيٽروليم شين جي قيمتن تي اتحادين سان مشاورت ڪري رهيا آهيون، بجلي ۽ پيٽرول جي سبسڊي تي اتحادين جي گڏيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو.

هن اهو به چيو ته جديد طرز جا ميٽر لڳائڻ جي ضرورت آهي، نئين ڪنيڪشن جي درخواست 10 ڏينهن ۾ اڪلائي ويندي، گرمي جي شدت ۾ بجلي جي طلب وڌڻ تي نظر آهي.

خرم دستگير چيو ته عمران خان جي حڪومت پاران روس کان تيل ۽ گيس خريدڻ جو ڪو معاهدو يا ڪاغذ موجود ناهي، سڀ هوائي ڳالهيون آهن، حقيقت ۾ ڪجهه ناهي.

سندس چوڻ هو ته 26 اپريل 2022 تي ملڪ ۾ 7 هزار 104 ميگاواٽ بجلي جي صلاحيت بند هئي، پي ٽي آءِ حڪومت وقت تي بجلي جا ٻارڻ نه خريديا، جن فيڊرز تي چوري آهي اتي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي وڌڻ ڪري ڪجهه ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو، چئن ڏينهن ۾ 8 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري سگھون ٿا ته باقي مسئلا به حل ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.