ڦلجي اسٽيشن ۾ سياسي سماجي ڌرين جو سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

ڦلجي اسٽيشن ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

سياسي سماجي ڪارڪنن ھالار ياسين، جهانگير، وقاص آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سازش تحت سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري کي تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

سندن چوڻ هو ته ارسا معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿي ڏئي جنهن ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ سرسبز زمين بنجر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

هنن وفاقي حڪومت ۽ ارسا کان مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري سنڌ جي زراعت کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.