پنوعاقل(رپورٽ: نور محمد سومرو)عيد ڏينھن بائجي ٿاڻي جي حد نوراجا لڳ زمين تي پورھيو ڪندڙ عبدالڪريم سميجو جا پٽ عبدالغفار ،عبدالجبار سميجو کي ڌاڙيل زخمي ڪري عبدالجبار کي ڪچي طرف اغوا ڪري کڻي ويا ۽ عيد جي ٻي ڏينھن گھوٽڪي کان پنوعاقل ويندي جسڪاڻي برادري جي ٻن ڀائرن عابد حسين ۽ محمد عيسيٰ جسڪاڻي اغوا جي ڪوشش ڪئي ته مذاھمت تي ڏوھارين گوليون ھڻي ٻنھي ڀائرن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا،گذريل ڏينھن سلطانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ننڍي لنجاري لڳ ھٿياربندن ڀورل ملڪ جي گھر مان ٻڪريون چوري ڪرڻ دوران مذاھمت تي گھر ڌڻي ڀورل ملڪ کي گوليون ھڻي جوابدار فرار ٿي ويا،ھر طرف بدامني اغوائون ڦرون چورين سبب ماڻھون جو جئيڻ جنجال بڻيل،امن جو پکي اڏري ويو،سياسي سماجي سڄاڻ ۽ شھري اڳواڻن ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇايل.