انتظاميا کان ناراض ٽڪ ٽاڪرز جو مطالبو پورو، ڪمائي جا در کلي ويا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽڪ ٽاڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ۾ سڀ کان مقبول آهي ۽ هن سال به مقبوليت جي لحاظ کان سڀ کان اڳتي آهي

مشهور ٽڪ ٽاڪرز ڪجهه وقت کان ڪاوڙيل هئا ۽ ان جو سبب اشتهار ذريعي ڪمائي نه ٿيڻ هو.

ٽڪ ٽاڪ انتظاميا هاڻي وڊيوز ۾ اشتهار شامل ڪرڻ ڪندو جنهن سان ٽڪ ٽاڪرز چڱو ڀلو پيسو ڪمائي سگهندا، هن پگورام کي اشتهار ڏيڻ جي 12 ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي جنهن مان اوهان کي ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي.

ٽڪ ٽاڪ جي پلز پروگرام تحت اشتهار ڏيڻ وارا فيشن، گيمنگ، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن جي وڊيوز مان چونڊ ڪري سگهندا.

انهي طريقي سان ٽارگيٽ ڪيل اشتهارن کي بوسٽ ڪيو ويندو پر اشتهار صرف تصديق ٿيل يا تصديق ٿيل مواد تي ڏيکاريا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.