واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ نئين اهم فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

 

ميٽا جي ملڪيت واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن لاءِ اسٽيٽس جي حوالي سان نئين فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

واٽس ايپ اسٽيٽس اپ ڊيٽ تي نظر رکڻ لاءِ هڪ نئين فيچر کي متعارف ڪرايو ويندو، جنهن کانپوءِ واٽس ايپ واهپيدار به انسٽاگرام جيان پرائويٽ چيٽ دوران ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ شامل اسٽيٽس اپ ڊيٽ تي نظر رکي سگهندا.

ان فيچر جي حوالي سان واهپيدارن جي چيٽ جا اسڪرين شاٽ به شيئر ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ چيٽ دوران ئي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ شامل نمبرز تي اپ ڊيٽ ڪيل اسٽيٽس کي به ڏسي سگهجي ٿو.

في الحال اها خبر ناهي ته هي فيچر ڪڏهن جاري ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.