سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪن عيد تي به اسير، سرهاڙي ۾ مظاهرو

سرھاڙي (رپورٽ:مھدي رضا مري) سرھاڙي جسقم يونٽ سرهاڙي طرفان عيد جي ڀلاري رات به سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پريس ڪلب سرهاڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعاريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن پيارعلي مشوري نثار ديشي پرويز مشوري منان پلهھ ۽ ٻين چيو ته قومي تحريڪ مٿان اڻ اعلانيه آپريشن شروع ڪيو ويو آهي روز جي بنياد تي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي تازو نوابشاه مان جسقم اڳواڻ راشد چانڊيو پڊعيڊن مان زاهد مري حيدر پلھ کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي  جيڪا آئين ۽ قانون جي سنگين لتاڙ آهي آهي سالن کان کنڀيل قومي ڪارڪن ايوب ڪانڌڙو سهيل رضا ڀٽي موهن ميگهواڙ اعجاز ڳاهو سرويچ نوحاڻي سميت ٻين جو ڪو پتو ئي ناهي  پر انهن جا وارث سندن اچڻ جي اوسيڙي ۾ عيد واري ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي بک هڙتال ڪئيمپ قائم ڪري ڇڏي آهي پر افسوس انهن جي ٻڌڻ وارو ڪوئي ناهي اسان مطالبو ڪيو ٿا ته سنڌ ۽ بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي اگر سندن ڪو ڏوھ  آهي ته عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.احتجاج ۾ خان سنڌي عامر مشوري شاهد سنڌي فداحسين مشوري حضور بخش مشوري نبي داد سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.