خان صاحب پراڻي ۽ سڙيل ٽيم سان نئين پاڪستان جو بنياد ممڪن ناهي؟

غلام مصطفي جمالي

هن وقت پاڪستان جي سياسي صورتحال تي نظر وجهون ته سڀ کان وڌيڪ پريشان چهرو پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جو ئي نظر ايندو ڇو جو تبديلي جو جيڪو خواب عوام کي ڏيکاري هن اقتدار ماڻيو انهيءَ اقتدار جي ڪرسيءَ عوام کي سواءِ بک بدحالي ۽ مهانگائي جي ڪجهه به ناهي ڏنو شايد انهي ڪري عمران خان هاڻ رڳو پنهنجي.ساک بچائڻ ۾ پورو آهي ۽ کوکلا وعدا ۽ دلاسا ڏئي عوام کي مطعمين ڪرڻ ۾ پورو آهي پر عوام حڪومت جي ڪارڪردگي مان چڱي ريت واقف ٿي چڪي آهي.شايد انهي ڪري وزيراعظم عمران خان پنهنجي اقتدار جي چوٿين سال ۾ به وڏين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هڪ طرف مخالف ڌر پنهنجن احتجاجي لانگ مارچن ذريعي کين لاچار بڻائڻ جو پروگرام ٺاهي رهي آهي ته ٻئي طرف عوام کي ڪو به حقيقي رليف نه ڏئي سگهيو آهي ۽ سندس وزير عوام کي بهتر مستقبل لاءِ نئين تاريخ ڏئي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن پر هاڻي اهي ڪوششون بيڪار ثابت ٿي رهيون آهن. 2018ع جي چونڊن ۾ ڪپتان اليڪشن کٽي هئي، پر نئين پاڪستان جو نعرو هڻندڙ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ اتحادي ڳولڻو پيو، کيس انهن وٽ به وڃڻو هو، جن بابت سندس راءِ مثبت نه هئي. هڪ طريقي سان ڪپتان کي واپس اسٽيٽس ڏانهن ڌڪيو ويو. هڪ طرف نئين پاڪستان جون اميدون هيون ته ٻئي طرف اقتدار سنڀالڻ جي مجبوري هئي. پوءِ اهو ٿيو جو مخالف ڌر پهرين ڏينهن کان ئي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪري ڇڏي.

ائين لڳي رهيو هو ته حڪومت اڄ وئي يا سڀاڻ هلي ويندي، جڏهن ته ڪپتان کي اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت حاصل هئي، تنهن ڪري مخالف ڌر هر ڪوشش جي باوجود سندس ڪجهه بگاڙي نه سگهي.تنهن هوندي به ڪپتان کي ايترو ته نقصان ضرور ٿيو جو هن کي واضح اڪثريت نه ملڻ سبب مفلوج ٿي رهڻو پيو. هن نئين پاڪستان جي قيام کي وساري ڇڏيو ۽ هن سمورو ڌيان ان ڳالهه تي لڳائڻو پيو ته ڪيئن پنهنجي حڪومت کي بچائڻو آهي، اپوزيشن سان ڪيئن وڙهڻو آهي، عمران خان چونڊ مهم ۾ جيڪي واعدا ڪيا هئا، اهي سڀ واعدا صرف وعدا ئي رهيا جنهن ۾ وفا جي ڪا هير نه گهُلي سگهي،ٻئي پاسي عمران خان جي اليڪشن کٽڻ ڪري پاڪستاني عوام  ٻن پراڻين پارٽين کان محروم ٿي وئي.پر خان صاحب کي جن ووٽ ڏنو هو، خان صاحب اميد جي حد ۾  انهن کان پري هليو ويو. حالتون خراب ٿيڻ جي باوجود هي پراڻي پاڪستان جي عوام لاءِ معيشت ۽ سهولتون برقرار نه رکي سگهيو.

هو اليڪشن مهم ۾ دعويٰ ڪندو هو ته وٽس 200 ماڻهن جي مضبوط ٽيم آهي، جيڪا نئين پاڪستان جو بنياد وجهندي، پر جڏهن اها ٽيم سامهون آئي ته 70 سيڪڙو اهي ئي چهرا هئا، جيڪي هر حڪومت ۾ شامل رهيا آهن ۽ انهن ئي عمران خان جي سياسي جهاز کي ٻوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. عمران خان پراڻي ۽ سڙيل ٽيم سان نئين پاڪستان جو بنياد وجهڻ ٿي چاهيو جيڪو ممڪن ئي نه هو پوءِ جيڪو ٿيو سو ا سڀني ڏٺو، معيشت تباهه  ٿي وئي، رپئي جي قيمت رڪارڊ هيٺ هلي وئي. مهانگائي راڪيٽ جي رفتار سان وڌي ۽ عوام کي هيڻو ڪري ڇڏيو، بيڊ گورننس جون حالتون اهڙيون پيدا ٿيون، جو عوام جا اهي سمورا خواب، جيڪي هنن نئين پاڪستان جي حوالي سان ڏٺا هئا، سي ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي ويا ڪافي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڪلپ هلي رهي هئي جنهن ۾ ڪپتان اليڪشن ريلي ۾ چيو هو ته هو جڏهن اقتدار ۾ آيو ته مزدور جي پگهار سون جي تولي برابر ڪندو. عمران خان اليڪشن مهم ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون هيون ۽ هن ڪڏهن به انهن کي پورو ڪرڻ جو نه سوچيو جنهن مان صاف ظاهر آهي ته کيس اقتدار جي بک هئي عوام سان ڪابه همدري نه هئي.

هاڻي حڪومت کي اقتدار ۾ اچڻ کي لڳ ڀڳ چار سال گذري ويا آهن، وزيراعظم عمران خان کي سوچڻو پوندو ته هو ايندڙ هڪ سال ۾ ڇا ٿو ڪري ته جيئن ماڻهو سندس پهرين چئن سالن جا مسئلا وساري سگهن. هن وقت معاشي بحاليءَ جا ڪي به آثار نظر نه ٿا اچن، ساڳي آءِ ايم ايف جي تلوار لٽڪي رهي آهي ۽ اها ئي مهانگائي وڌي رهي آهي. حڪومت جي مني بجيٽ عوام کان جيڪي به بل ڪڍي ڇڏيا آهن، هن بجيٽ کانپوءِ عوام تي 20 سيڪڙو مهانگائي جو بار وڌو ويو آهي. اهو ڪهڙو معجزو آهي ته ايندڙ هڪ سال ۾ معيشت بهتر ٿي ويندي بظاهر اهڙي ڪنهن معجزي جي اميد نظر نٿي اچي، بجلي سستي ناهي، گيس جي کوٽ آهي، پيٽرول جا اگهه رڪارڊ سطح تي وڃي رهيا آهن، حڪومت اڻ سڌي طرح ٽيڪسن تي ڀروسو ڪري رهي آهي، پوءِ عام ماڻهو جون حالتون ڪيئن بهتر ٿينديون؟ هاڻ عمران خان کي هار تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪپتان کي 4 سالن ۾ عوام کي ڪو به معاشي رليف ڏيڻ ۾ ناڪاميءَ جو کليل دل سان اعتراف ڪرڻ گهرجي مان سمجهان ٿو جيستائين هو ان حقيقت کي تسليم نٿو ڪري، تيستائين هو ڪنهن شعبي کي بهتر بنائڻ تي ڌيان نه ڏيندو. هن وقت سندس معاشي مينيجر کيس ٻڌائين ٿا ته معيشت مضبوط ٿي رهي آهي، جيتوڻيڪ ڪا به معيشت تيستائين مضبوط نٿي ٿي سگهي جيستائين عام ماڻهوءَ جي قوت خريد نه وڌي. اڄ ڪلهه عام ماڻهوءَ جي قوت خريد نه هجڻ جي برابر آهي، 80 سيڪڙو خاندان پريشان آهن ته ڏينهن ۾ ٻه ماني صبح ۽ شام ڪيئن کائين. جڏهن ته معياري گيهه جو اگهه 500 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. پراڻي پاڪستان ۾ هي گيهه 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيندو هو. ڇا عام ماڻهوءَ جي قوت خريد هڪ سئو پنجاهه سيڪڙو وڌي وئي آهي ته هو ايترو مهانگو گيهه خريد ڪري سگهي؟وزيراعظم عمران خان جي خوش قسمتي اها آهي جو عوام اڃا تائين ان مان اميدون رکيو ويٺو آهي  اڄ تائين شريف ڀائرن ۽ ڀٽو خاندان جيڪي 15 سالن کان اقتدار ۾ رهيا آهن، لٽيرن جي الزامن جو واضح جواب نه ڏئي سگهيا آهن. نواز شريف پاران ووٽ کي عزت ڏيڻ جو بيان ته سامهون آيو پر هن پنهنجي اثاثن جا ثبوت نه ڏنا. نه ئي هن عدالت ۾ پنهنجو دفاع ڪيو. آصف زرداري به ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ الزامن جو جواب نه ڏئي سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ عوام لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي ته ڇا عمران خان کي رد ڪري پوءِ انهن کي اقتدار ۾ آڻي جن جو احتساب نه هجي، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جي خوش قسمتي آهي ته کيس اهڙي پٺڀرائي ملي، جنهن طريقي سان نواز شريف ۽ آصف زرداري کي نه ملي ڇو ته اڄ فخر سان چيو پيو وڃي ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن.

ان سڀ ڪجهه جي باوجود وزيراعظم عمران خان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته عوام جي راءِ کي پنهنجي حق ۾ رکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ان لاءِ اسان کي وڏي حد تائين وڃڻو پوندو ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو. هن انصاف جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ، بيوروڪريسي جا اختيار گهٽائڻ ۽ ان کي عوام جو خادم بڻائڻ جو واعدو ڪيو هو، پوليس اسٽيشن ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، هن اهي سڀ ڳالهيون ڇو وساري ڇڏيون آهن؟ 25 جولاءِ 2018ع تي عوام کيس تبديليءَ لاءِ ووٽ ڏنو هو، ساڍا چار سال گذري ويا آهن، ان تبديليءَ جا نتيجا اڃا تائين سامهون نه آيا آهن ڇو.؟؟؟؟

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.