8`مارچ عورتن جي حقيقي جدوجهد جو آواز آهي

حميده گھانگھرو

8مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن طور سڃاتو وڃي ٿو ان ڏينهن جي سڃاڻپ ۽ اهميت ايتري آهي ته جدوجهد ذريعي پنهنجي حق مڃرائڻ سان گڏ انفرادي حيثيت جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ به چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ ڪي تحريڪون جنم وٺنديون ته انهن کي ڪچلڻ جا سامراجي حربا استعمال ڪري مايوسيون ۽ اصل رخ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

دراصل پدرشاهي سماجي ۾ طبقاتي گھٽ مرداڻي سوچ جو دخل وڌيڪ آهي. اهڙي معاشري ۾ عورت جي آزادي خودمختياري جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ ڪڏهن مذهبي ته ڪڏهن سياسي سماجي رڪاوٽن جا رنگ ڏئي پوئتي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

1882 ۾ بئنڪاڪ جي ڪنهن گارمينٽس ڪمپني ۾ مسلسل پنهنجي ڪم جي پوري ٿيڻ تائين وقت جو پابند رهڻ ڪري عورتون پنهنجا کير پياڪ ٻار به پاڻ سان وٺي اينديون هيون ۽ پوءِ ٽيبلن ۾ ڪپڙن جا جھولي ٻڌي ٻارن کي سمهاريو ويندو هو جيئن اڄ به ڪيترن گھراڻن ۾ کٽ ۾ رئي جي جهولي ٻڌي ٻار کي سمهاريو وڃي ٿو. اچانڪ فيڪٽري ۾ باهه لڳي ٿي ۽ ٻه سئو عورتون ٻارن سميت زندگي جي بازي هارائي وڃن ٿيون. ڪنهن به ليبر قانون نه هئڻ ڪري ڪا پوئيواري نٿي ٿئي. اهڙي نموني عورت کي ڪم تر ۽ ان جي حيثيت کي اهميت نه ڏيڻ پدرشاهي سماج جي سوچ ۾ عورت پسجي رهي هئي. هن کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه هو ۽ آخر آمريڪا نيويارڪ ۾ 1908 ۾ 15هزار مزدور عورتن ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف مظاهرو ڪيو ته عورتن جي حقن جي پاسداري ڪندي ڪم جي وقت ۾ گھٽتائي ڪرڻ ۽ سٺو اجورو فراهم ڪيو وڃي. نيويارڪ جي عورتن جي تحريڪ جو اتساهه وٺندي آمريڪي سوشلسٽ پارٽي طرفان 28فيبروري جي هر سال عورتن جي قومي ڏينهن طور سڃاتو وڃي ٿو. پوءِ پورهيت عورتن جي ٻي عالمي ڪانفرنس ۾ جرمني جي سوشل ۽ ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڪلارا زيٽيڪن عورتن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تجويز ڏني ته دنيا جي عورتن کي گڏجي ان ڏينهن کي ملهائڻ گھرجي. ان تجويز جي حمايت ڪندي 1911 ۾ آسٽريا ۽ ڊينمارڪ، جرمني، سئزلينڊ 19مارچ تي ملهايو ويو. روس جي عورتن وري 1913 فيبروري جي آخري هفتي ۾ عورتن جو عالمي سال ملهايو. پوءِ 1917 روسي انقلاب جي سال کان وٺي 8 مارچ کي عورتن جي عالمي ڏينهن طور تسليم ڪيو.

تحريڪن جي نشاندهي ڪندي ڪٿي به اهڙو جهول نظر نٿو اچي جنهن سان عورتن جي حقن ۽ پنهنجي برابري جي حيثيت ۽ حق وٺڻ جي نعري کان ڪا الڳ اهميت هجي. ها اهو ضرور آهي ته حراسمينٽ جو عنصر مغربي يا مشرقي معاشري ۾ تمام گھڻو رهيو آهي. عورت کي نفيس نازڪ سمجهي سندس مٿان تشدد يا ذهني اذيت ڏئي حراسان ڪيو ٿو وڃي جيڪو سلسلو اڄ جديد دور ۾ به انتهائي ڪرڀائيندڙ انداز سان نظر اچي ٿو. حقيقت اها آهي ته عورت جو اهو نعرو ”سراسري برابري اسان گھرون ٿا ايتري آزاد فرد جيتري“ انهي نعري ۾ ڪٿي به ڪا غير اخلاقي يا غير معياري ٻولي ڪانهي ايوب خان کان وٺي پاڪستان ۾ عورتن جي حقن تي ڳالهايو ويو آهي ۽ ڪجهه قانون به پاس ڪرايا ويا آهن. سڀ کان پهرين پاڪستان ۾ اپوا جنهن جي قيادت رعنا لياقت علي خان ڪري رهي هئي. ها اهو ضرور آهي ته عورتن جي حقن تي ڳالهائڻ لاءِ امير طبقي جون عورتون خاص طور ٻاهران اعليٰ تعليم يافته هونديون هيون پر اهو آواز ڪنهن حد تائين وڏن هوٽلن ۾ تقريبات ڪري اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ڏيکاريو ويندو هو ۽ اثر رسوخ ڪري ايوانن تائين قانون به پاس ڪرايا ويندا هئا. مختلف دور حڪومت ۾ انهن کي تبديل به ڪيو ويو. جنرل ضياءَ اسلامائيزيشن جي قانون تحت ڪي پابنديون مڙهي سخت سزائون به منظور ڪيون جن کي اڳتي هلي مختلف عورت تنظيمن جي مزاحمت کانپوءِ ختم ڪيو ويو. عورت تنظيمن جي کلي نموني دعويٰ هوندي هئي ته هو ڪو سياسي ناهن بس عورتن جي حقن تي ڳالهائڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ سرگرم آهن. جڏهن گڏيل قومن جي اداري (يو اين او) 1977 ۾ 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن کي تسليم ڪيو ته پوءِ پاڪستان ۾ باقائده عورت مارچ جي شڪل ۾ 2018 کان شروعات ٿي. جيئن ته سماج جي تبديلي جا رستا حقيقي جدوجهد جو رخ اختيار ڪندا آهن ته انهن لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري مارڻ جي حد تائين ڌمڪيون ڏئي پوئتي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.  ويف ٻين مختلف آرگنائيزيشن سان ملي عورت مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هيٺين طبقي کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڇاڪاڻ جو سماج جي تبديلي جو سهرو هاري، مزدور، پورهيت جي سيني تي سمايل نعري سان ڪاميابي ماڻيندي رهي آهي. ويف ڏٺو ته جيڪڏهن مائي بختاور شهيد هڪ اڻ پڙهيل هارياڻي پنهنجي حق لاءِ سرجهڪائڻ بدران قربان ڪري سگھي ٿي ته اڄ جي جديد دور جي عورت کي پوئتي رکي صرف وڏن هوٽلن  جي سيمينار واري روايت مان ڪڍي عام عورت جي آواز ۾ شامل ڪجي ۽ پهرين حيدرآباد مان شروعات ڪئي جنهن ۾ هزارين عورتون شامل ٿيون ۽ گيت ڳائيندي ۽ پنهنجا حق گھرڻ جي آواز سان پيرين پنڌ ۽ موٽرسائيڪلن جي ڪافلي ۾ حيدرآباد جي مين شاهراهن کان گھمندي پريس ڪلب پهتيون. اهڙي نموني ٻئي سال ڪراچي ۾ فريئر حال ۾ تمام وڏو جلسو ڪندي انقلابي ۽ آزادي جي گيتن جي گونجار ۾ 8 مارچ عورتن جي آواز ۾ ڪي غير مهذب ۽ سماج ۾ انتشار ڦهلائيندڙ پلي ڪارڊ ۽ نعرا ٻڌڻ ۾ آيا. مثلن ”ميرا جسم ميري مرضي“ جا نعرا جڏهن ته عورت جو آواز هو ”برابري سراسري اسين گھرو ٿا ايتري آزاد فرد جيتري“ هاڻي انهي ٻنهي نعرن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي 8 مارچ جي تاريخ جو جائزو عورتن جي حق گھرڻ ۽ پنهنجي حيثيت مڃرائڻ آهي جڏهن ته ميرا جسم ميري مرضي  تي ڊاڪٽر تيمور رحمان جو بهترين جائزو وڊيو جي صورت ۾ موجود آهي ته آمريڪا ۾ جڏهن ضرورت کان وڌيڪ آزادي پسند عورتن جا حمل دوران يا ته ٻار ضايع ڪرڻ جو رجحان وڌي پيو يا وري اهڙن ٻارن جي پيئرن جي سڃاڻپ کان محروم هئڻ ڪري اهي ٻار نفسياتي مريض يا وري سماج ۾ ويڳاڻا پيا ٿين. انهي ڪري اهڙو قانون لاڳو ڪيو ويو ته قانون مطابق شادي ڪرڻ جرم ناهي پر ان جي لاءِ پيدا ٿيندڙ ٻار لاءِ به قانوني حيثيت هجي اتي اها ڇڙواڳيءَ واري رويي ۾ نعرا لڳا ته ميرا جسم ميري مرضي قانون ڪنهن به انساني رشتي، پيار محبت تي ڪا پابندي لاڳو ناهي ڪئي پر سٺي ۽ مهذب معاشري جي سڃاڻپ اها ئي هوندي آهي ته رشتن جي اهميت ۽ قدر وڏي حيثيت رکن ٿا ٻن انسانن جي بندهڻ تي هر معاشري جي مذهبي طور معاهدا ٿيندا آهن. هونئن ته ٽن لفظن جي ڪا به اهميت ناهي پر انسانن جي ٻندهڻ ۾ اهي لفظ ايترو ته جوڙين ٿا جو بک مفلسي، آرام، آسائشن ۾ به ڪامياب زندگي رهندي وري ڪا اهڙي پابندي به ناهي جيڪڏهن رشتي ۾ تضاد ٿئي ٿو ته لازمي قيد جهڙي زندگي گذاري پر ان جا به پهرين سبب ڏسجن. اهڙي حالت ۾ ڪي قوتون عوام ۾ پاڙون مضبوط ٿيندي ڏسي ناڪام ڪرڻ لاءِ مذهب جو استعمال تمام سولائي سان ڪري سگھن ٿا. انهي جو مثال سکر جو مارچ سامهون آهي ته جڏهن عورتن کي ڌمڪايو هيسايو پيو وڃي انهي قافلي جون روح رواڻ عرفان ملاح، امر سنڌو، عطيه دائود، انيس هارون، حسين مسرت ۽ ڪيترا نالا شامل هئا جن ڪافلي جي جڙيل رسي کي ٽوڙڻ نه ڏنو ۽ آخر سنڌ جي پسمانده جرڳائي ماحول مان به عورت کي حق گھرڻ جو آواز ڏئي مثال قائم ڪيو.

جدوجهد جي وڌندڙ قافلي مان ڪي وڇڙي وڃن ٿا ڪي ٿڪجي ويهي رهن ٿا رسي وڃن ٿا پر سمجهڻ گھرجي ته 8 مارچ عورت جي آزادي جو ڏينهن آهي عورت جي آزادي صرف ۽ صرف ان صورت ۾ ٿي سگھي ٿي جڏهن عورتن جو اتحاد بنيادي حقن جي متعلق هجي هن وقت تمام گھڻي حراسمينٽ آهي ڪو به تعليمي ادارو، روڊ رستا، گھر دفتر محفوظ ناهن. ڪيترائي پڙهيل لکيل پاڻ کي وڏن مها اديبن، دانشورن، ليکڪن طور سڃاڻ رکن ٿا جن جو رويو انتهائي حراسمينٽ وارو هوندو آهي. هو ڳالهائڻ ۾ ته تمام وڏا عورت آزادي پسند هوندا پر عملي طور پنهنجي ئي اداري ۾ عورت جي ڪم کي برداشت نه ڪندا. انتهائي جرئت سان ميڊم فهميده حسين جڏهن آپ بيتي ۾ ڏک ڏوراپو ڏيندي چيو ته مونکي پنهنجي ئي اداري جي ترقي پسند سڏرائيندڙ اديبن حراسان ڪيو ته ڪتاب تي تبصرو ڪندي جڏهن پروفيسر ريحانه ملاح نالا کڻي ڪتاب تي تبصرو ڪيو ته سوني تي سهاڳو ايڊيٽوريل جي انچار پورا پورا پئرا گراف ڪٽي ڇڏيا ته اها پاليسي ناهي نه ڇا هڪ اهڙي اداري جنهن کي اسين آزادي ۽ حق جو آواز تحت سڃاتو وڃي ان ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي تعلقاتن کي شايد خراب نه ٿيندي ڏسڻ کان لنوائين پيا ته پوءِ سچ ۽ سچ جي آواز کي ڪيڏانهن ڳولڻ گھرجي. عورت مارچ مصلحت پسندي کان بغاوت جو نالو آهي. لٻاڙي آزاديءَ جي دعويٰ ڪندڙن کي ثابت ڪري ڏيکارڻ گھرجي عاصمه جهانگير چواڻي عورت جي امن پسند ۽ فساد جهڳڙي کان پري رهڻ کي نظر انداز ڪرڻ جو قطعي مطلب ناهي ته هو ڪمزور آهي يا هوءَ سچ نه ٿي ڳالهائي. مردائي سماج جي من گھڙت روايتن جي چادر جنهن ڏينهن ۾ لٿي ته سڀ کان پهرين انهن کوکلن جا چهرا وائکا ٿيندا جن سماج ۾ ناسور جو ڪردار ادا ڪيو آهي. عورت 8 مارچ هڪ سچ جو آواز آهي همٿ حوصلي ۽ بهادريءَ جو آواز آهي. سڀني عورتن کي گڏجي اتحاد جي جدوجهد جو آواز اٿارڻ گھرجي. انتهائي ساراهڻ جي ڳالهه اها به چئجي ته ننڍڙي شهر ڪنڊيارو ۾ جتي عورت جي آزادي تي ايتري پابندي هئي جو پڙهڻ تي به خاندان جي خلاف ورزي سمجهندي ان گھراڻي کي برادري مان الڳ ڪيو ويندو هو. اڄ ان شهر ۾ ساهتي پرڳڻي جي روح روان سنڌو نواز گھانگھرو ادبي ميلو ڪرائي خاص طور عورتن تي هڪ سيشن رکي ٿي ۽ ڪنڊيارو کانسواءِ سکر، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو مان سجاڳ عورتن اچي سندس ساٿ ڏئي عورت جي آواز ۾ آواز ملائين ٿيون. اهو ئي 8 مارچ جي جدوجهد جو تسلسل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.