ڪراچيءَ جي تعمير ۽ لاقانونيت واري للڪار !

تحرير ؛ علي محمد ميمڻ

سنڌ صوبي جي راڄڌاني ۽ قوم جي نسلن جي مستقبل سازي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ ڪراچي شهر هن وقت وري مشڪلاتن جو شڪار ٿي رهيو آهي. هڪ پاسي، ملڪ جي هڪ جماعت طرفان پنهنجن معصوم ڪارڪنن کي انساني ڍال طور استعمال ڪري سنڌ جي عوام جي چونڊيل ايوان سنڌ اسيمبلي تي گذريل هڪ مهيني کان گهيراءُ ڪري ڌرڻو ڏنل آهي ۽ڪراچي جا اهم رستا بند ڪري عوام کي تڪليف ۾ رکڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ عوام جي توهين ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي، ڪراچي کي لڳاتار 30 سالن کان يرغمال بڻائيندڙ موومينٽ طرفان دوکي سان وزير اعلي هائوس جو گهيرو ڪري ويهڻ واري واردات ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي جنهن کي سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس طرفان موقعي تي ناڪام بڻايو ويو ۽ پوليس طرفان لاٺي چارج ۽ ڳوڙها گئس جو استعمال ڪري کين منتشر ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه تعداد ۾ گرفتاريون پڻ ڪيون ويون. هن واقعي بعد موومينٽ جي اڳواڻن طرفان ڪراچي کي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ٻئي ڏينهن يوم سياهه جو اعلان پڻ ڪيو ويو پر سرهائي واري ڳالهه آهي ته، ڪراچي شهر معمول مطابق کليل رهيو ۽ شهرين جا روزمرهه جا معمول گهڻو  متاثر نه ٿيا آهن.

ڪراچي شهر جي گذريل 100 سالن واري سياسي تاريخ ۽ سرشتي جو جائزو وٺجي ته، شهر ۾حڪومت ۽ حڪمراني ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي حاصل آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ 1933ع ۾ڪراچي شهر جو پهريون ميئر جمشيد نسروانجي مهتا چونڊيو ويو، 30 آگسٽ 1934ع تي  ٻيو ميئر ٽيڪم داس وڌومل، 1935ع ۾ قاضي خدابخش، 1936ع ۾ اردشير ايڇ ماما،  1937ع ۾ درگا داس آڏواڻي، 1938ع ۾ حاتم علي علوي، 1939ع ۾ آر ڪي سڌاوا، 1940ع ۾ لال جي ملهوترا، 1941ع ۾ محمد هاشم گزدر، 1942ع ۾ سهراب ڪٽرڪ، 1943ع ۾ شمبو ناٿ مولراء، 1944ع ۾ يوسف عبدالله هارون، 1945ع ۾ مينوول ميسڪٽا، 1946ع ۾وشرام داس ديوان داس، 1947ع ۾ حڪيم محمد احسن،  1948ع ۾ غلام علي الانا، 1951ع ۾ الله بخش گبول، 1953 ۾ ايڇ ايم عبدالله پراچا، 1954ع ۾محمود هارون، 1955ع ۾ الحاج ملڪ باغ علي، 1956ع ۾ صديق وهاب، 1958ع ۾ ايس ايم توفيق، 1961ع ۾ الله بخش گبول (ٻيو ڀيرو) ميئر ڪراچي چونڊيا ويا.  اڳتي هلي ملڪ ۾ جنرل ضياء الحق وارو مارشل لاءِ جو دور آيو جنهن ۾ غيرجماعتي بنيادن تي ڪرايل مڪاني چونڊون ڪرايون ويون ۽ جماعت اسلامي جي عبدالستار افغاني کي 1979ع ۾ ڪراچي جو ميئر  بنايو ويو ۽ ان بعد ٻيو ڀيرو به عبدالستار افغاني کي ميئر بنايو ويو ۽ لڳاتار 1987ع تائين اها حڪمراني جاري رهي.ان بعد 1988ع ۾ ڪراچي ايم ڪيو ايم جي حوالي ٿيو ڊاڪٽر فاروق ستار کي ڪراچي جو ميئر بڻايو ويو. اڳتي هلي 2001ع ۾ وري جماعت اسلامي جو نعمت الله خان ۽ ان بعد ايم ڪيو ايم جو مصطفي ڪمال ۽ 2016 کان 2019ع تائين ايم ڪيو ايم جو ئي وسيم اختر ميئر ڪراچي رهيا ۽ ڪراچي کي باغ يا بيابان بنائڻ جا ذميوار  بڻيا رهيا.

ملڪ ۾ 1970ع ۾ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچي جو سنڌ جي گادي واري شهر طور بحالي بعد شهر جي نئين سر جوڙجڪ ۽ اڏاوت جي شروعات ٿي. ملڪ ۾ 1970 وارين عام چونڊن جي نتيجي ۾وفاق ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت، وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو  جي قيادت ۾ قائم ٿي. جنهن دوران سموري ملڪ ۾ جمهوري سرشتو ۽ ادارن جي جوڙجڪ جي هنگامي بنيادن تي شروعات ڪئي ويئي. ان وقت 1973ع ۾ ڪراچي ۾ پاڪستان  اسٽيل ملز جهڙي وڏي صنعت ۽ گلشن اقبال وارو نئون رهائشي منصوبو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن کان ڪراچي ايندڙ نئين ٽهي ۽ خاندانن کي رهائش لاءِ مفت پلاٽ ڏنا ويا. وزير اعظم محترم بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت واري دور ۾ سنڌ حڪومت جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه مرحوم جي دور ۾پڻ ڪراچي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي شهر ۾ آباد ڪرڻ ۽ پنهنجي بهتر مستقبل سازي لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا ويا. حڪومت جي مدد ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪراچي شهر ۾ آباد ڪيل ڳوٺ ۽ وسندين ۾ گلشن اقبال ٽائون ۾ سچل ڳوٺ، سيتا نگر(شهيد ڀٽو ڳوٺ)، شاهنواز شر ڳوٺ، بلاول شاهه نوراني ڳوٺ، صفوران ڳوٺ ، شانتي نگر، ڀٽائي آباد ۽ ان کان علاوهه ڪياماڙي، ماريپور، لياري ۽ ان وقت جي  بن قاسم ٽائون ۾ پاڪستان اسٽيل ملز  لڳ علائقن، گلشن حديد، پپري، گهگهر ڦاٽڪ تائين وسيع علائقن ۾ڳوٺ آباد ڪيا ويا.

اڳتي هلي  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چوٿين حڪومتي دور ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي حڪومت طرفان پڻ سنڌ صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي لاءِ خاص قدم کنيا ويا. سنڌ حڪومت  طرفان 2009 ع ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور ۾پڻ ڪراچي کي سنڌ جي ماڻهن جو جديد شهر بنائڻ ۽ سنڌ جي ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بنائڻ لاءِ وڏا قدم کنيا ويا. سنڌ جي پراڻين آبادين کي پڪو ۽ ريگولرائيز ڪرڻ وارا وڏا قدم کنيا ويا پڻ سنڌ اسيمبلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي ۽ ان فيصلي تحت سنڌ جي 250 ڳوٺن ۽ شهرن کي پهرين مرحلي ۾ ريگولرائز ڪرڻ جي شروعات پڻ ڪئي وئي.

ڪراچي جي گذريل 50 سالن واري ريڪارڊ موجب هن شهر تي ڊگهو عرصوجماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي حڪمراني رهي آهي. جماعت اسلامي جي حڪمرانن ۾ ميئر عبدالستار افغاني ۽ ناظم اعلي نعمت الله خان ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪراچي جي حاڪمن ۾ميئر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ناظم اعلي مصطفي ڪمال  ۽ آخري ميئر وسيم اختر گهڻا مشهور رهيا آهن. تحريڪ انصاف واري حڪومت جڏهن اقتدار ۾ ايندي ئي سندس اختيارن هيٺ ٽن صوبن پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا مڪاني ادارن کي ختم ڪري سمورا اختيار ايڊمنسٽريٽرز مقرر ڪري سمورا اختيار پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيا تڏهن به سنڌ صوبي ۾ مڪاني نظام جاري رهيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ان ساراهه جي مستحق آهي ته، ايم ڪيو ايم ۽ ان جي ميئر جي تڪراري ڪردار جي باوجود انهن کي پنهنجي ڪارڪردگي ثابت ڪرڻ جا ڀرپور نموني موقعا مهيا ڪيا ويا. آخرڪار ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو آخري ميئر وسيم اختر پڻ پنهنجو پنجن سالن وارو مدو پورو ڪري گهر روانو ٿي ويو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان بئريسٽر مرتضي وهاب کي هن وقت ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو مڪاني چونڊن کان اڳ واري وچئين دور جو انتظامي سربراهه آهي.

بيشڪ! سنڌ جو عوام پنهنجي قديم شهر ڪراچي جي حوالي سان تمام گهڻو حساس۽ جياپي ۽ پنهنجي قومي حقن جي حفاظت جي حوالي سان بيحد فڪرمند آهي.گذريل 30 سالن دوران يقينن، ڪراچي جي شهرين تمام گهڻين تڪليفن مشڪلاتن ۽ آزمائشن کي ڀوڳيو ۽ برداشت ڪيو آهي. هن وقت ڪراچي شهر وري پنهنجي قديم حسن، مهڪ، خوشبو امن، محبت، پيار ۽ پنهنجي ترقي جي ڳولها ۾آهي ۽ هن وقت ڪراچي ۾ هڪ بهتر سياسي ۽ سماجي بدلاءِ ۽ ڀائيچاري وارو هاڪاري عمل ۽ سنڌ جو خوشگوار ثقافتي ماحول وڌي ويجهي رهيو آهي. اهڙي قسم جي وڻندڙ ماحول کي  وري ماضي جي وڳوڙن، نفرتن ۽ لاقانونيت واري عذاب ۽ جهنم ۾ وري ڌڪڻ واريون افسوس جوڳيون ڪوششون پڻ وقفي وقفي سان ٿي رهيون آهن، وزير اعلي هائوس يا سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪرڻ واري غير سياسي ۽ خير اخلاقي عمل کي هر صورت ۾ رد ٿيڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ هر لحاظ کان آئين ۽ قانون جي بالادستي لاڳو هئڻ گهرجي ۽ احتجاج جي جمهوري حقن جي نالي ۾ڪراچي ۾ رستا روڪ بدامني پکيڙڻ ۽ شهر جي امن کي نقصان پهچائڻ کان هرقيمت تي پاسو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.