ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ملڪ ۾ ترقي جي حڪومتي دعوائن جي تصديق ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته ان ۾ بحث واري ڳالهه ناهي ته ملڪ ۾گذريل سال 4 کان 5 سيڪڙو شرح جي ترقي ٿي.
هن چيو ته اها ترقي وسيع بنياد تي ناهي ٿي، ڇاڪاڻ ته مهانگائي عوام کي ماري رهي آهي ۽ برآمد ۾ واڌ به مهانگائي جي ڪري ٿي آهي.