”سليڪٽڊ حڪومت کي مري سانحو وسارڻ نه ڏينداسين، فواد چوڌري جي زبان بندي ٿيڻ گهرجي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ پارليامينٽيرينز جي اطلاعات سيڪريٽري شازيا مري چيو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت کي مري سانحو وسارڻ نه ڏينداسين، سانحي جي غير جانبدار جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته مري سانحي تي بلاول ڀٽو ڏکويل خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، اهو وڏو سانحو هو، جنهن لاءِ اسان جو مطالبو هو ته رڳو مري سانحي جي ڳالهه ٻولهه ٿئي.

هن چيو ته اپوزيشن حقيقي ڳالهيون ڪيون پر افسوس ته حڪومتي وزير جو بيان درست نه هو، جيئن هو ڳالهائي رهيو هو سندس لهجو صحيح نه هو، مون کي حيرت آهي ته اهو وزير اهڙي ڳالهه ڪيئن ٿو ڪري سگهي، جيڪو هڪ ڏينهن اڳ ٽوئيٽ ڪري جشن ملهائي رهيو هو، ان وزير جي زبان بندي ٿيڻ گهرجي پر کيس فلور ڏنو ويو.

سندس موجب حڪومت مري سانحي تي بي وسيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ماڻهن جي دانهڻ باوجود مدد نه ڪئي وئي، هي عمران خان ننڍين ننڍين ڳالهين تي استعيفيٰ گهرندو هو ۽ جڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڪندو هو، پ پ حڪومتي ڪميٽي کي رد ڪري ٿي، واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.

شازيا مري چيو ته هن سليڪٽڊ حڪومت کي مري سانحو وسارڻ نه ڏينداسين، اهو سڀ هن حڪومت جي نااهلي سبب ٿيو، سانحي جي ذميوار انتظاميا، وفاقي توڙي صوبائي حڪومت آهي، جنهن شهر ۾ 6 هزار گاڏين جي جاءِ هوندي آهي، اتي 13 هزار ۽ پوءِ هڪ لک گاڏيون ڪيئن داخل ٿيون؟ جن وزيرن اهڙا ٽوئيٽ ڪيا، انهن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.