موسم بهتر نه هئي حڪومت اڳواٽ قدم کڻي ها: صفدر عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي صدر، لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ ناهيد  خان عباسي مري سانحي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مري ويندڙ سياحن کي اپيل ڪئي آهي ته هو مري وڃڻ کان پاسو ڪن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته جڏهن موسم بهتر نه هئي ته حڪومت کي اڳواٽ قدم کڻڻ گهرجي ها جيڪي لاڳاپيل کاتا آهن انهن کي اڳواٽ خبردار ڪن ها ته شايد ايڏو وڏو نقصان نه ٿئي ها. هنن چيو ته ذميوارن جي خلاف سخت ڪاروائي ٿيڻ جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن. هنن چيو ته اسين مري سانحي جي متاثرن جي وارثن سان گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندن جي مغفرت جي لاءِ دعاگو آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.