انگور کائڻ جي عادت ڪيترين ئي موتمار بيمارين بچائي ٿي

هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جهڙن موتمار مرضن کان بچڻ چاهيو ٿا ته هڪ مزيدار ميوو کائڻ کي عادت بڻايو.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ شامل رضاڪارن کي روزانو 45 گرام انگورن جو پائوڊر استعمال ڪرايو ويو جيڪو 300 گرام انگورن جي برابر سمجهي سگھجي ٿو.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته انگور کائڻ جي عادت سان معدي ۾ بيڪٽيريا جو قسم نمايان حد تائين وڌي ٿو جيڪا مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ضروري آهي.

تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انگور کائڻ سان جسم ۾ ڪولسٽرول جي سطح ۾ گھٽتائي اچي ٿي، يعني رت ۾ موجود اهو سڻڀو ۽ چرٻي وارو مواد جيڪو شريانين کي بند ڪري دل جي مرضن جو سبب بڻجي ٿو.

تحقيق لاءِ 19 صحتمند ماڻهن کي پولي فينول ۽ فائبر جي گھٽ مقدار واري غذا جو 4 هفتن تائين استعمال ڪرايو ويو ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ 4 هفتن تائين 46 گرام انگورن جي پائوڊر جو روزانو استعمال ڪرايو ويو جڏهن ته پهريان واري غذا جو استعمال جاري رکيو ويو.

انگورن جي سپليمينٽ جي استعمال کان اڳ ۽ پوءِ فضلي ۽ پيشاب جا نمونا گڏ ڪيا ويا هئا ۽ دريافت ٿيو ته معدي ۾ صحت لاءِ فائديمند بيڪٽيريا جي قسمن ۾ واڌ ٿي، خاص ڪري اهڙا بيڪٽيريا جيڪي گلوڪوز ۽ لپڊ ميٽابولزم لاءِ فائديمند اثر ڇڏين ٿا.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته رضاڪارن ۾ بلڊ ڪولسٽرول جي سطح ۾ گڏيل طور تي 6.1 سيڪڙو گھٽتائي آئي جڏهن ته هاڃيڪار سمجهو ويندڙ ايل ڊي ايل ڪولسٽرول جي سطح ۾ 5.9 سيڪڙو گھٽتائي آئي.

تحقيق موجب بائل ايسڊز جي سطح به 40.9 سيڪڙو گھٽجي وئي.

محققن موجب نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته انگور معدي جي صحت سان گڏوگڏ دل جي صحت لاءِ فائديمند ميوو آهي.

ان کان اڳ به تحقيقي رپورٽن ۾ انگور کائڻ جي عادت ۽ دل جي سٺي صحت وچ ۾ واسطي جي نشاندهي ٿي چڪي آهي.

ان تحقيق جا نتيجا طبي رسالي جرنل نيوٽريشنز ۾ ڇپيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.