ڪورونا انسانن مان جانورن ۾ به منتقل، هرڻن ۾ وائرس جي تصديق

اوهائيو (م ڊ) ڪورونا وائرس هاڻ انسانن مان جانورن ۾ به منتقل ٿيڻ لڳو آهي. سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا  وائرس جي وبا هاڻ جنگلي جيوت ۾ به پکڙجڻ شروع ٿي وئي آهي، انسان مان حيوانن ۾ پکڙجندڙ اها وبا خاص طور تي هرڻ ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هرڻن ۾ ڪورونا وائرس جو پکڙجڻ انسانن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگھي ٿو، آمريڪا ۾ ڪيل هڪ تحقيق موجب گھٽ ۾ گھٽ 6 ڪيسن ۾ انسان مان هرڻن ۾ ڪورونا وائرس جي منتقلي جي تصديق ٿي آهي. ان سلسلي ۾ اوهائيو اسٽيٽ يونيورسٽي جي محققن اتر اوڀر اوهائيو جي 9 مختلف علائقن ۾ 360 جنگلي اڇي پُڇ وارن هرڻن جي نڪ جا نمونا ورتا هئا، 6 جاين تي 35 سيڪڙو کان وڌيڪ هرڻن ۾ وائرس جا گھٽ ۾ گھٽ 3 مختلف قسمن جا جينياتي مواد مليا.پينسلوانيا يونيورسٽي جي ماهر سميات سريش ڪُچپودي چيو آهي ته وائرس جو جنگلي جيوت ۾ موجود هجڻ ۽ انسانن جو ان کان بي خبر هجڻ پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي، اهڙين حالتن ۾ اسان اوچتو ڪنهن نئين وائرس جو شڪار ٿي سگھون ٿا.03

  • برڊ فلو انسانن کي به ٿيڻ لڳو، انگلينڊ ۾ شهري متاثر

لنڊن (م ڊ) برطانوي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته اتي برڊ فلو انسان کي لڳي ويو آهي، ڏکڻ اولهه انگلينڊ جو رهواسي برڊ فلو جو شڪار   ٿي ويو آهي. اختيارين موجب ان قسم جا ڪيس گھڻا گھٽ سامهون ايندا آهن، ڄاڻايل شخص بيمار يا مُئل پکيءَ مان متاثر ٿيو آهي.ٻي پاسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان شخص مان برڊ فلو اڳتي ناهي پکڙيو، پر مريض جي ويجهن رابطن جي نظر آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر شخص في الحال ٺيڪ آهي ۽ هو آئسوليٽ ٿي ويو آهي، عوام کي خطرو انتهائي گھٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.