اينٽي ڪرپشن پاران مهراڻ يونيورسٽي ۾ڪرپشن جي جاچ شروع

ڄامشورو( ڊ ر ) مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن جي جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن ٽيم سرڪل آفيسر منور نائچ جي  اڳواڻي ۾ يونيورسٽي جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ آڊٽ برانچ ۾ پهچي رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪئي جنهن ۾ سال 2018 ۽ 2019 ع دوران 3 ڪروڙ رپين جي مبينا ڪرپشن جو رڪارڊ هٿ ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن کاتي جي سرڪل آفيسر منور نائچ جو چوڻ هو ته ميڊيڪل بلن جي مد ۾ ڪوڙن ميڊيڪل بلن جي ذريعي ڪرپشن ڪئي وئي هئي، جنهن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون،  ٻئي طرف مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ يونيورسٽي جي ڪجهه عملدارن ڪرپشن ڪئي هئي جنهن جي نشاندهي يونيورسٽي انتظاميا ڪندي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي جاچ لاءِ درخواست ڪئي هئي جنهن تي معمول جيان جاچ هلندڙ آهي، يونيورسٽي انتظاميا جي اها ڪوشش آهي ته جن به ماڻهن ڪرپشن ڪئي آهي شفاف جاچ ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.