مسلمان معاشري ۾ ڪرپشن ۽ جنسي ڏوهن جا مسئلا آهن: عمران خان

اسلام آباد( م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن مسلم دنيا جو وڏو مسئلو، جنسي زيادتين جو سبب موبائل آهي. عالمن  ۽ اسڪالرن سان ڳالهه ٻول ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته معاشري ۾ ڪرپشن ۽ جنسي ڏوهه آهن، معاشري کي ڪرپشن ۽ زيادتي جي واقعن خلاف وڙهڻو پوندو. بدعنوان قيادتن ڪرپشن کي قابل قبول بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته عورتن ۽ ٻارن ۾ جنسي زيادتين جو هڪ وڏو سبب موبائل فون به آهي . هن چيو ته بدقسمتي سان بدعنوان قيادت ڪرپشن کي قبول ڪري ورتو، پاڪستان سميت گهڻي ڀاڱي مسلمان ملڪ هڪجهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.